بوزدار وڏا (ن س)سنڌ حڪومت جي لاپرواهي ۽ نااهلي سبب صوفي پمپ جي پويان قائم فوڊ سينٽر تي پيل لکين رپين جو ڪڻڪ جون ٻوريون خراب ٿيڻ جو انڪشاف خوراڪ کاتو اگهور ننڊ ستل. خبر موجب. بوزداروڏا ڀرسان صوفي پمپ تي خوراڪ کاتي جي قائم سينٽر تي پيل لکين رپين جي ڪڻڪ سنڌ گورنمينٽ ۽ خوراڪ کاتي جي نااهلي سبب سينٽر تي پيل 9 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون برساتن سبب خراب ٿي رهيون آهن جڏهن ته ذريعن جو چوڻ آهي ته برساتن سبب خراب ٿيل ڪڻڪ انساني صحت لاءِ هاڃيڪار بڻيل ڪڻڪ کي اس تي سڪائي ٻيهر ٻورين ۾ ڀري ضلعي هيڊڪوارٽر طرف موڪليون پيون وڃن جڏهن ته سياسي سماجي اڳواڻن منصور ٿيٻو ضميرانصاري نيڪ محمد پنهيار سيد صالح محمد شاهه موسوي وسيم اڪرم پنهيار ۽ ٻين چيو ته سنڌ گورنمينٽ ۽ خوراڪ کاتي جي نااهلي سبب لکين رپين جو ڪڻڪ مختلف سينٽر تي خراب ٿي رهي آهي مگر افسوس جو سنڌ گورنمينٽ صرف اٽي جا ريٽ وڌائڻ ۽ غريب عوام کي بکون ڪاٽڻ تي مجبور ڪري رهي آهي پر سينٽرن تي پيل ڪڻڪ هٿ سان خراب ڪري رهي آهي سنڌ جو عوام برساتن سبب شديد مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي مٿان خوراڪ کاتو ڪڻڪ جا ريٽ وڌائڻ لڳو آهي هنن وڌيڪ چيف جسٽس آف پاڪستان چيف آف آرمي سميت وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته نااهل خوراڪ کاتي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ جيڪڏهن ت خوراڪ کاتي جي سينٽرن تي پيل ڪڻڪ کڻائي عوام کي سستي اگهه تي ڪڻڪ وڪرو ڪئي وڃي










