فون جي قيمت برابر انسان نما روبوٽ مارڪيٽ ۾ اچي ويو

فون جي قيمت برابر انسان نما روبوٽ مارڪيٽ ۾ اچي ويو

بيجنگ(ويب ڊيسڪ)چين ۾ قائم اسٽارٽ اپ نوئٽڪس روبوٽڪس (Noetix Robotics) هڪ اهڙو تاريخي قدم کنيو آهي جيڪو شايد انسان نما روبوٽ ٽيڪنالاجي جي قيمتن ۾ انقلاب آڻي سگهي ٿو. ڪمپني پنهنجي نئين روبوٽ “بو مي” (Bumi) کي متعارف ڪرايو آهي، جيڪو صرف ڏهه هزار يوآن يعني 1370 ڊالر ۾ دستياب آهي. هي خبر اڳ ۾ ٽيڪ نوڊ ۽ گلوبل ٽائمز ۾ رپورٽ ٿي جنهن بعد انٽريسٽنگ انجنيئرنگ تي شايع ٿي. هاڻي انسان نما روبوٽس ريسرچ ليبارٽريز يا ڪاروباري ادارن تائين محدود نه رهندا، پر عام صارفين، شاگردن ۽ استادن تائين به پهچندا.
بو مي، ننڍو پر جديد روبوٽ آهي
بو مي جي اوچائي صرف 3.1 فوٽ (94 سينٽي ميٽر) ۽ وزن 26.5 پائونڊ (12 ڪلوگرام)آهي. اهو وڏن ۽ تيز ڪارڪردگي وارن روبوٽن مقابلي لاءِ نه، پر تعليم يا گهر جو ڪم ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي. شروعاتي مظاهرن مان ظاهر ٿيو آهي ته بو مي هلڻ، توازن رکڻ ۽ ڊانس ڪرڻ جي قابل آهي، ۽ پنهنجي قيمت جي لحاظ سان شاندار استحڪام ۽ لچڪ ڏيکاري ٿو. هن قدم بعد انسان نما روبوٽ گهرن ۾ عام جام ٿي ويندا. نوئٽڪس ڪمپني جي پهرين ماڊل لاءِ 2,500 کان وڌيڪ آرڊر حاصل ڪري چڪو آهي ۽ هن سال هڪ انسان نما روبوٽ هاف ميراٿون ۾ به حصو ورتو هو. اهي ڪاميابيون نوئٽڪس کي چين جي تيزيءَ سان وڌندڙ روبوٽ ڪمپنين ۾ شامل ڪن ٿيون. ان کان يونٽري ڪمپني جولاءِ ۾ تقريباً $6,000 ۾ مڪمل قد وارو روبوٽ جاري ڪيو، پر بو مي ان کان به وڌيڪ سستو آهي۔ اهو 48V بيٽري تي هلندو آهي، جنهن جي گنجائش 3.5Ah آهي، ۽ هڪ چارج تي 1–2 ڪلاڪ هلندو آهي. رپورٽن موجب، هي روبوٽ ٻارن ۽ نون سکيا وٺندڙن لاءِ گرافڪ پروگرامنگ (drag-and-drop) ۽ آواز ذريعي گفتگو (voice interaction) جي سهولت فراهم ڪري ٿو، جنهن سان اهو تعليمي ساٿي ۽ ذاتي مددگار ٻنهي طور ڪم ڪري سگهي ٿو. نوئٽڪس روبوٽڪس سيپٽمبر 2023 ۾ قائم ڪئي وئي، جنهن جو بنياد تسِنگ هوا يونيورسٽي ۽ زيجيانگ يونيورسٽي جي محققن رکيو. صرف ٻن سالن ۾ ڪمپني تحقيقاتي روبوٽن مان نڪري هڪ مارڪيٽ لاءِ ٻه ٽنگن تي هلندڙ روبوٽ تيار ڪيو آهي. عام طور تي چين ۾ اهڙا روبوٽ جيڪي ٻن ٽنگن تي هلڻ ۽ متحرڪ حرڪتون ڪري سگهن ٿا، ڏهه هزار ڊالر ۾ وڪامجن ٿا. پر بو مي جي قيمت $1,400 کان به گهٽ آهي، جيڪا اسمارٽ فون، ڊرون يا ليپ ٽاپ جي برابر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو