قومي احتساب بيورو (نيب) ريٽائرڊ فور اسٽار جنرل احسن سليم حيات ۽ نيشنل لاجسٽڪ سيل (اين ايل سي) جي سينيئر آفيسرن خلاف ساڳئي ايجنسي ۾ ڪم ڪندڙ اڳوڻي ميجر پاران داخل ڪيل شڪايت تي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.ذريعن موجب اڳوڻي ميجر اڪرم رضا 2015 ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته خام تيل جو غير قانوني ڪاروبار هلائڻ تي ڪيترن ئي فوجي آفيسرن کي برطرف ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ قومي خزاني کي روزانو 2 ڪروڙ روپين جو نقصان پهتو، هن فوجي اختيارين کان ذميوار آفيسرن کان نقصان جي وصولي ۽ مٿن ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو. درخواست ۾ شامل دستاويزن موجب 2 ليفٽيننٽ ڪرنل، 3 ميجرز، مختلف رينڪز جا 6 سپاهي ۽ 4 عام شهرين سميت 17 ڄڻن کي تيل چوري جي الزام ۾ 26 جنوري 2005 تي فوجي اختيارين گرفتار ڪيو هو. جنهن بعد غير قانوني خام تيل جي ڪاروبار ۾ ملوث هئڻ سبب برطرف ڪيو ويو هو. ميجر رضا دعويٰ ڪئي ته هو انهن ماڻهن جي گروپ جو حصو نه هو جنهن کي برطرف ڪيو ويو هو پر حقيقت ۾ خام تيل جي چوري ۽ غيرقانوني وڪرو جي نشاندهي ڪئي هئي ۽ کيس بنا ڪنهن سبب جي گرفتار ڪيو ويو هو. واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) پرويز مشرف جي مبينا ڪرپشن خلاف شڪايت تي ڪارروائي نه ڪرڻ تي نيب خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي اينٽي ڪرپشن مانيٽرنگ باڊي کي حڪم ڏنو هو. سياستدانن کي نشانو بڻائڻ جو تاثر ختم ڪيو وڃي.










