فوري فيصلي کان انڪار، ساٿين سان مشاورت لاءِ مهلت طلب

فوري فيصلي کان انڪار، ساٿين سان مشاورت لاءِ مهلت طلب

اوٻاوڙو (رپورٽ غلام علي رند)شر ۽ ڏهر تڪرار نبيرڻ لاءِ ڄام مهتاب ڏهر فوري مثبت موٽ ڏيڻ کان انڪار ڪندي مهلت گهري ته هو ساٿين ۽ حامين سان مشوري بعد ڪو جواب ڏئي سگهي ٿو. پاڪستان پپلرز پارٽي قيادت جي شفارش تي اڳوڻو صوبائي وزير انجنيئر عبدالباري پتافي جي اڳواڻي ۾ شر ۽ ڏھر تڪرار جي خاتمي لاءِ ميڙ منٿ قافلو پ پ پ ايم پي اي ڄام مھتاب خان ڏھر وٽ پهتو قافلي ۾ پ پ پ ايم پي اي ممتاز خان چانگ، پ پ پ اڳواڻ گل محمد جکراڻي، قومپرست اڳواڻ سيد غلام شاھ، پير آف ڀرچونڊي شريف ميان مجن، پير آف سوئي شريف سيد فھد شاھ، ميان رفيق احمد، ميان شفيق احمد، ميان منظور احمد، سيد لعل شاھ ۽ ڪيترن ئي معززن ميڙ منت قافلي ۾ شرڪت ڪئي آھي. ايم پي اي ڄام مهتاب وٽ بشيرآباد پهتا جتي ڄام مهتاب خان ميڙ منٿ قافلي کي موٽ ڏني ته مون سان ٻيون ذاتيون گڏ آهن آءُ اڪيلو ناهيان ٻين سان به صلاح مشهورو ڪري پوءِ جواب ڏيندس. ان موقعي تي اڳوڻي صوبائي وزير انجنيئر عبدالباري خان پتافي ايم پي اي ممتاز خان چانگ ۽ ٻين اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته قبائلي جھيڙا ضلعي لاءِ ناسور بڻيل آھن انساني جانيون وڃڻ کان پھريان ان خوني جھيڙي کي ختم ڪرائجي، پاڪستان پيپلز پارٽي ھميشه عوام جي خدمت ڪئي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو