ڪراچي(ن سنڌيار)گڏاپ جي علائقي اجمير نگري ٿاڻي جي حد سيڪٽرB5_1 ۾ الحميد اسڪول ڀرسان چار ڏينهن اڳ ڦر مزاحمت تي شاھپور چاڪر واسي سماجي اڳواڻ انب ڏاهري جو 25 سالا نوجوان پٽ صائمه بلڊرز جي انجنيئر عبدالله ڏاهري سخت زخمي ٿي پيو هو فورن سنڌيون گوليون هڻي نوجوان کي زخمي ڪرڻ بعد 5 لک روپيا روپيا فر ڪري باآساني فرار ويا جنهن بعد 3 ڏينهن مسلسل پوليس ايف اي آر ڪٽڻ کان لنوائيندي رهي بلا آخر ايف اي آر داخل ڪئي وئي پر نه فورو گرفتار ڪيا ويا آھن ۽ نه وري پيسا ريڪور ڪري ڏنا ويا آھن ,نوجوان جو والد تفصيل موجب چارڏينهن اڳ اجمير ٿاڻي جي حد سيڪٽر بي 5 ون الحميد اسڪول ڀرسان صائمه بلڊرز جي انجينيئر عبدالله ڏاهري کان فورن ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته نوجوان جي مزاحمت تي مٿس سنڌيون گوليون هلائي سخت زخمي ڪرڻ بعد 5 لک روپيه ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري باآساني فرار ٿي ويا,۽ زخمي کي طبي امداد جي لاء فوري طور عباسي اسپتال منتقل ڪيوويو جتي آپريشن ڪري گولي ڪڍي وئي ۽ نوجوان کي آء سي روم ۾ داخل ڪيو ويو آھي پر ٿاڻي جي پوليس پنج ڏينهن گذرڻ باوجود ڪک به ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آھي نوجوان جي والد سماجي اڳواڻ انب ڏاهري گڏاپ پريس ڪلب ڪراچي جي صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اجمير نگري ٿاڻي جي پوليس ايف اي آر ڪٽڻ کان به لنوائيندي رهي بلا آخر ٽن ڏينهن بعد ايف اي آر داخل ڪئي وئي آھي پر نه فورو گرفتار ڪيا ويا آھن ۽ نه وري ڦر ڪيل پيسا ۽ ٻيو سامان ريڪور ڪري ڏنو ويو آھي هن وزيراعلي سنڌ ,آء جي سنڌ ۽ ٻين بالا آفيسرن کان مطالبو ڪيو آھي ته فورو گرفتار ڪري ڦر ڪيل پيسا ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي ڏنو وڃي.










