فورسز جو ڪاراويون7 دهشتگرد مارجي ويا، 3 اهلڪار شهيد

فورسز جو ڪاراويون7 دهشتگرد مارجي ويا، 3 اهلڪار شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)سڪيورٽي فورسز لڪي مروت ۾ مختلف هنڌن تي دهشتگردن جا 3 حملا ناڪام بڻائي ڇڏيا، جوابي فائرنگ ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا.پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب موٽرسائيڪل سوار آپگهاتي بمبار لڪي مروت ۾ سڪيورٽي فورسز جي پوسٽ ويجهو ڌماڪو ڪيو.آءِ ايس پي آر موجب ڌماڪي کانپوءِ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن دوران 7 دهشتگرد مارجي ويا. مارجي ويلن ۾ دهشتگرد ڪمانڊر موسيٰ خان به شامل آهي.دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا، شهيدن ۾ نائيڪ صوبيدار تاج مير، حوالدار ذاڪر احمد ۽ سپاهي عابد حسين شامل آهن. آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو