فوج کي سياست ۾ نه گهليو، ڪنهن سان رابطو ناهي،ترجمان

فوج کي سياست ۾ نه گهليو، ڪنهن سان رابطو ناهي،ترجمان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته ڪنهن سان به ڪنهن قسم جا بيڪ ڊور رابطا نه ٿي رهيا آهن، فوج کي سياست ۾ نه گهلڻ گهرجي، ڊي جي آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته فوج جو ڪنهن به قسم جي سياست سان واسطو نه آهي، اهڙي قسم جا افواهه بند ٿيڻ گهرجن، ڊي جي آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته تحقيق بنا ڳالهه ڪرڻ ڪنهن کي به نٿو سونهين، ڪنهن وٽ ثبوت آهن ته پيش ڪري.هن چيو ته سدپارا قوم جو هيرو آهي سندس ڳولا جاري آهي. ڀارت دنيا ۾ بدنام ٿيو آهي ۽ اسين کيس بينقاب ڪيو آهي. هن چيو ته ڪورونا جي وبا کي پاڪستان بهتر نموني منهن ڏنو، چين ويڪسين فوج کي ڏني جيڪا اسين صحت ورڪرز کي ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو