راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته 9 مئي تي اشتعال انگيز ڪارروائي ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪور هيڊڪوارٽر پشاور جو دورو ڪيو، جتي کيس موجوده سيڪيورٽي صورتحال ۽ دهشتگردي خلاف جاري ڪوششن تي بريفنگ ڏني وئي.آرمي چيف ڪور آفيسرن کي خطاب ڪندي چيو ته امن ۽ استحڪام لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين.قومي سلامتي کي درپيش خطرن تي زور ڏيندي آرمي چيف چيو ته امن ۽ استحڪام جي عمل ۾ خلل وجهندڙن لاءِ ڪا به جاءِ نه هوندي.پاڪ فوج تنصیبات جي تقدس کي پامال ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي برداشت نه ڪندي. هن چيو ته 9 مئي جي ڪاري ڏهاڙي جي ڪاررواين جي سازش ڪندڙن، ويڙهاڪن، ڀڙڪائيندڙن ۽ ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو ۽ پاڪ فوج سندن تنصيبات کي ساڙڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي برداشت نه ڪندي.جنرل عاصم منير اطلاعات جي جنگ ۽ غلط فهميون پيدا ڪرڻ جي ڪوششن بابت به آگاهه ڪيو ۽ چيو ته دشمن عناصر طرفان هٿياربند فوج کي نشانو بڻائڻ جي مذموم ڪوشش آهي، عوام جي سهڪار سان اهڙي ناپاڪ ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويندو.










