’فوج ۽ ايجنسيون رياست جون ملازم آهن کين آئيني حدن ۾ رهڻ گهرجي‘

’فوج ۽ ايجنسيون رياست جون ملازم آهن کين آئيني حدن ۾ رهڻ گهرجي‘

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته عمران خان 9 مئي جي سي سي ٽي وي فوٽيج جي لاءِ ڪيس داخل ڪندو.دهشتگردي جي انت واري عدالت لاهور ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب چيو ته فوج ايف سي ۽ انٽيليجنس ايجنسيون رياست جا اوزار ۽ ملازم آهن، فوج ۽ ادارن کي پنهنجي دائري ۾ رهڻ گهرجي.هن چيو ته سياستدان آئين موجب سياست ڪن، فوج کي وٽ جي ٿري رائفل، توبون ۽ ٽينڪ آهن ۽ ايئرفورس وٽ هوائي جهاز ۽ جي ايف 17 آهن نيوي وٽ سب ميرين ۽ بريگيڊ جهاز آهن. آئين جي آرٽيڪل 7 موجب رياست مجلس شوريٰ آهي، قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي ٽيڪس لاڳو ڪندڙ ادارا آهن.عمر ايوب وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني جو پيغام آهي ته عوام ۽ فوج وچ ۾ مسلم ليگ(ن) ۽ پ پ وڇوٽيون پيدا ڪري رهيا آهن. اليڪشن ڪميشن کي آزاد هجڻ گهرجي، هي اليڪشن جو سال آهي، هن ڀنور مان مضبوط وزيراعظم ئي ملڪ کي ڪڍي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو