حيدرآباد (رپورٽر) ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگرد سٿ جي ڪارڪنن کي پر امن احتجاج ڪرڻ تان تشدد جو نشان بڻائڻ خلاف ۽ مهراڻ يونيورسٽي انتظاميا ۽ صحت کاتي جي لاپرواهي ۽ نااهلي سبب فوت ٿيل شاگرد ڪلديپ جي خون سان انصاف لاءِ سنڌي شاگرد تحريڪ ضلعي حيدرآباد طرفان سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ سميع ابڙو، ڪاشف ملاح، اياز صالح پليجو، سنجي ڪمار، راجا الطاف، سارنگ راجا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگرد سٿ جي شاگردن تي دهشتگردن جي حملي کي سنڌ جو عوام هرگز برداشت نه ڪندو. تعليمي ادارن ۾ دهشتگردي پکيڙڻ خلاف سنڌي شاگرد تحريڪ طرفان سموري سنڌ ۾ پر امن احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي. هنن چيو ته غير جمهوري قوتن جي پاليل ۽ عالمي سامراجي قوتن جي حڪمن تي دهشتگردي پکيڙيندڙ هڪ انتهاپسند گروه جي غنڊن ذريعي ڪراچي جي تعليمي ادارن جا دروازا هڪ منظم رٿا تحت سنڌي شاگردن لاءِ بند ڪيا پيا وڃن. سنڌي شاگرد سٿ جي ڪارڪنن مٿان دهشتگردن جي حملي ۽ لطيف سائين جي بيتن جي بي حرمتي ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي انتظاميا به ملوث آهي. هر روز ڪراچي يونيورسٽي اندر دهشتگرد گروهن طرفان سنڌي شاگردن مٿان حملن جا واقعا وڌندا پيا وڃن پر يونيورسٽي انتظاميا توڙي سنڌ سرڪار سندن پٺڀرائي ڪرڻ ۾ پوري آهي. تازو ئي ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگرد سٿ جي شاگردن مٿان هڪ نسل پرست دهشتگرد ٽولي سنڌي شاگردن مٿان حملو ڪري سنڌي شاگردن کي زخمي ڪرڻ سان گڏ يونيورسٽي ۾ لطيف سائين جي بيتن کي ميساري پنهنجي فاشسٽ ذهنيت جو ثبوت ڏنو آهي جنهن جي سنڌي شاگرد تحريڪ سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي ۽ مطالبو ٿو ڪجي ته ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ دهشتگردي ڦهلائيندڙ ٽولن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ سان گڏ ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن کي داخلائون ڏئي کين هاسٽلز سميت ٻيون سهولتون مهيا ڪيون وڃن. مهراڻ يونيورسٽي طرفان جوڙيل جاچ ڪميٽي کي مڪمل طور رد ڪندي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته اعلي عدالتي جاچ ڪميشن جوڙي، مهراڻ يونيورسٽي جي انتظاميا کي جوابدار طور شامل ڪيو وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته رت ڏيڻ ڪري طبعيت خراب ٿيڻ سبب فوت ٿيل شاگرد ڪلديپ سوٽهڙ وارو واقعو سنڌ جي اعلي تعليمي ادارن اندر انتظامي غفلت جو واضع ثبوت آهي. ڪلديپ جو موت پاڻمرادو ناهي ٿيو پر يونيورسٽي انتظاميا جي لاپرواهي ۽ نااهلي سبب ٿيو آهي جنهن جي ذميوار مهراڻ يونيورسٽي انتظاميا ۽ سنڌ جي صحت کاتي جا اعلي عملدار آهن. هڪ تعيلمي اداري اندر بلڊ ڊونيشن ڪيمپ لڳائي چڪاس ڪرڻ بغير رت وٺڻ جو عمل سنڌ جي صحت کاتي جي ڪارڪردگي تي به سوال اٿاري ٿو. گڏوگڏ يونيورسٽي جي شاگردن کان لاتعلق بڻيل مهراڻ يونيورسٽي جي انتظاميا جي به نااهلي پڌري آهي ته سندس اداري اندر لڳندڙ بلڊ ڪئمپ ۾ ناقص انتظام هجڻ سبب ڪو نوٽيس ڪو نه ورتو ويو. ڪلديپ جي موت جو ذميوار هي سمورو جاگيرداري نظام ان جي سرپرست جماعت پيپلزپارٽي حڪومت کان ويندي تعليم دشمن پاليسيون جوڙيندڙ اسٽيبلشمينٽ آهي. هن واقعي جي اعلي سطحي عدالتي جاچ ڪميشن جوڙي مهراڻ يونيورسٽي جي انتظاميا ۽ صحت کاتي جي اعلي عملدارن تي ڪيس داخل ڪيو وڃي جن هڪ امڙ جي هنج خالي ڪري سندس جگر جو ٽڪرو کائنس الڳ ڪيو گڏوگڏ سنڌ اندر خاص ڪري تعليمي ادارن ۾ لڳندڙ بلڊ ڪئمپن ۾ ٽيسٽن ، چڪاس سان گڏوگڏ روڊن تي لڳندڙ ڪئمپن جي سلسلي ۾ به نظرثاني ڪئي وڃي ته آيا اهو رت مستحق ماڻهن کي ملي ٿو يا ضايع ٿئي پيو؟










