لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت زمان پارڪ پوليس تشدد، باهه ۽ قتل، قتل جي ڪوشش ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن فواد چوڌري ۽ حماد اظهر جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ فواد چوڌري ۽ حماد اظهر خلاف زمان پارڪ ۾ پوليس تي تشدد، باهه ۽ قتل، قتل جي ڪوشش ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.عدالت فواد چوڌري ۽ حماد اظهر جي ضمانت وارين درخواستن تي عملدرآمد نه ٿيڻ تي رد ڪري ڇڏيو.عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته جوابدارن ضمانتي مچلڪا جمع ڪرايا ۽ پيش نه ٿيا.










