فواد چوڌري 9 مئي جي 5 ڪيسن ۾ ڏوهاري قرار

فواد چوڌري 9 مئي جي 5 ڪيسن ۾ ڏوهاري قرار

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور پوليس 9 مئي تي اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري کي پنجن ڪيسن ۾ ڏوھاري قرار ڏنو.لاهور جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ 9 مئي جي ڪيسن ۾ فواد چوڌري جي عبوري ضمانت تي ٻڌڻي ٿي. اي ٽي سي جي جج منظر علي گل عبوري ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.پوليس فواد چوڌري جي جاچ رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي.فواد چوڌري جي سينئر وڪيل سندس غير موجودگي جي ڪري ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي. اي ٽي سي فواد چوڌري جي درخواست قبول ڪئي ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي وڪيلن کي دليلن لاءِ طلب ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو