اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جو حتمي فيصلو جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو خميس تي فواد چوڌري توهين اليڪشن ڪميشن ۾ شوڪاز نوٽيس جي خلاف درخواست داخل ڪئي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پٽيشن تي ٻڌڻي ڪئي ۽ اليڪشن ڪميشن کي حتمي فيصلو جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو چيف جستس عامر فاروق ٻن صفحن جو لکت حڪم نامو جاري ڪيو عدالت حڪم ڏنو ته اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ڪارروائي جاري رکي جڏهن ته حتمي فيصلو نه ڏي اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪري جولاءِ جي پهرين هفتي تائين جواب گهريو ويو حڪم نامي مطابق درخواست گذار پاران 27 جنوري جي نوٽيس ۽ 13 جون جي شوڪاز نوٽيس کي چئلينج ڪيو ويو.










