اسلام آباد(بيورو رپورٽ)فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن جي توهين ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن کان ذاتي طور تي معافي گهري.اليڪشن ڪميشن فواد چوڌري خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ ڪئي.فواد چوڌري ذاتي حيثيت ۾ اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيو ۽ اليڪشن ڪميشن کان معذرت ڪئي.ٻڌڻي دوران فواد چوڌري جي وڪيل فيصل چوڌري ڪميشن کي ٻڌايو ته ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ غلط ايڊريس تي موڪليا ويا.چيف اليڪشن ڪمشنر فواد چوڌري جي وڪيل کي چيو ته اوهان جي ڄاڻ ۾ آيو آهيان.فيصل چوڌري جواب ڏنو ته مان اڪثر گهر ۾ نه هوندو آهيان، اليڪشن ڪميشن شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو آهي، شوڪاز نوٽيس کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي، جنهن جو فيصلو محفوظ آهي، هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو انتظار آهي. ايندڙ ٻڌڻي تي شوڪاز نوٽيس جو جواب جمع ڪرائينداسين.اليڪشن ڪميشن آڏو فواد چوڌري چيو ته مان پنهنجي پارٽي جو سفير آهيان، شو ڪاز نوٽيس واپس ورتو وڃي، پارٽي هڪ ادارو آهي، مان ان جو ترجمان آهيان، ذاتي حيثيت ۾ معافي گهري سگهان ٿو، منهنجي معافي قبول ڪري، مون کي منهن ڏيڻو آهي. مان قانوني ڪيسن نه ٿو پوڻ چاهيان.










