فلپائن ۾ تباهي مچائيندڙ طوفان ويٽنام پهچڻ وارو، هوائي اڏا بند

فلپائن ۾ تباهي مچائيندڙ طوفان ويٽنام پهچڻ وارو، هوائي اڏا بند

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ويٽنام آچر ڏينهن طوفان جي خطري هيٺ علائقن ۾ هوائي اڏا بند ڪري ڇڏيا ۽ هزارين ماڻهن کي محفوظ جڳهن ڏانهن منتقل ڪيو، ڇاڪاڻ⁠ته تيز طوفان ٽائفون بوالوئي ملڪ ڏانهن وڌي رهيو آهي. هي طوفان ڪجهه ڏينهن اڳ فلپائن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ڄڻن جي موت ۽ وڏي پيماني تي ٻوڏ جو سبب بڻيو هو. رياستي اخبار ٿانه نين مطابق، آچر 1000 GMT (ڏهين وڳي صبح، پاڪستاني وقت شام 3 وڳي) تائين طوفان جي هوا جي رفتار 133 ڪلوميٽر في ڪلاڪ (83 ميل في ڪلاڪ) هئي ۽ اميد آهي ته سومر 0100 وڳي جي لڳ ڀڳ ويٽنام جي وچولي سامونڊي ڪناري سان ٽڪرائيندو، جتي سامونڊي ڪناري تي پهچندي ان جي رفتار ڪجهه گهٽجڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. موسميات جيقومي ادري چيو آهي ته: “هي تيزيءَ سان وڌندڙ طوفان آهي ــ سراسري رفتار کان لڳ ڀڳ ٻه ڀيرا تيز ــ جنهن جي شدت به انتهائي آهي ۽ اثر جو دائرو به تمام وڏو آهي. اهو ساڳئي وقت ڪيترن ئي قدرتي آفتن کي جنم ڏئي سگهي ٿو، جن ۾ طاقتور هوائون، زورائتا مينهن، ٻوڏ، تيز وهڪرا، لينڊ سلائيڊنگ ۽ سامونڊي پاڻي جي وڏيون لهرون شامل آهي۔” اداري موجب اتر ۽ وچ وارا صوبن ۾ پهرين آڪٽوبر تائين 600 ملي ميٽر تائين مينهن پئجي سگهن ٿا، جڏهن⁠ته درياهن جي سطح 9 ميٽر تائين وڌڻ، ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو موجود آهي. حڪومت ٻڌايو ته وچولي صوبي ها ٽنھ ۾ 15 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي منتقل ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، ۽ هزارين فوجي پڻ تيار بيٺل آهن. نغي آن صوبي جي گادي وِنھ ۾، جتي طوفان اچڻ جي اميد آهي، ماڻهو پنهنجا گهر محفوظ ڪرڻ، ٻيڙيون ٻڌڻ ۽ ڇتين تي واريءَ جا ٿلا يا پاڻي سان ڀريل ٻوريون رکي رهيا آهن. 41 ورهين جي رهواسي بوي ٿي ٽوئيٽ چيو: “اسان کي اڳ ئي هن سال جي ’طوفان ڪاجڪي‘ سبب نقصان ٿيو آهي ۽ اڃا بحال به ناهيون ٿيا۔ هتي 20 سال رهڻ دوران مون ڪڏهن به طوفانن کان ايترو خوف محسوس ناهي ڪيو۔” شهري هوابازي اٿارٽي موجب، ويٽنام آچر کان چار هوائي اڏن سميت دا نانگ انٽرنيشنل ايئرپورٽ جون خدمتون معطل ڪري ڇڏيون ۽ ڪيترين ئي اڏامن جي روانگي وقت ۾ تبديليون ڪيون ويون آهن. وي اين ايڪسپريس مطابق، طوفان جي خطري هيٺ ايندڙ علائقن ۾ سومر ڏينهن اسڪول بند رهندا، ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته بندش وڌائي به سگهجي ٿي. حڪومت ٻڌايو ته ڳري برسات سبب اڳ ئي هوئي ۽ ڪوانگ ٽري ۾ ٻوڏ اچي چڪي آهي. ڏاکڻي چيني سمنڊجي سامهون ڊگهي سامونڊي ڪناري سبب ويٽنام هميشه طوفانن جي زد ۾ رهندو آهي، جيڪي اڪثر موتمار هوندا آهن. گذريل سال ٽائفون ياگي لڳ ڀڳ 300 ڄڻن جي حياتي کسي ۽ 3.3 ارب آمريڪي ڊالر جو ملڪيتي نقصان ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو