واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)فلپائن آمريڪا کي اجازت ڏني ته هو پنهنجي فوجي اڏن تائين رسائي وڌائي.آمريڪي ۽ فلپائن جي عملدارن جو چوڻ آهي ته 2014ع جي معاهدي تحت واشنگٽن کي فلپائن جي وڌيڪ چئن هنڌن تائين رسائي ڏني ويندي.ٻنهي ملڪن جي آفيسرن جو چوڻ آهي ته آمريڪا 5 هنڌن جي انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري لاءِ 82 ملين ڊالر مختص ڪيا آهن.پرڏيهي ميڊيا موجب فلپائن ۾ آمريڪي بچاءَ واري وزير لائيڊ آسٽن به فلپائني صدر ۽ بچاءَ واري وزير سان ملاقات ڪئي آهي.رپورٽن مطابق آمريڪا کي فلپائن جي فوجي اڏن تي گڏيل تربيت، فيول اسٽوريج ۽ ٻيون سرگرميون ڪرڻ جي اجازت آهي.










