ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير خوراڪ سنڌ مخدوم محبوب الزمان جي صدارت هيٺ فلور ملز ايسوسيئيشن جي وفد سان اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبي ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي موجوده صورتحال، اگهن، فراهمي، ذخيرن ۽ عوام کي مناسب اگهن تي اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ کنيل قدمن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ وڏي وزير سنڌ جي بحالي بابت صلاحڪار، چيئرمين چيف منسٽر انسپيڪشن ٽيم (سي ايم آءِ ٽي)، ڪمشنر ڪراچي، سيڪريٽري خوراڪ ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته فلور ملز ايسوسيئيشن جي وفد جي اڳواڻي چيف پيٽرن حاجي يوسف، چيئرمين جنيد عزيز، وائيس چيئرمين عابد مسعود ۽ ٻين عهديدارن ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صوبائي وزير خوراڪ مخدوم محبوب الزمان چيو ته سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح عوام کي معياري ۽ سستو اٽو فراهم ڪرڻ آهي ۽ ڪنهن به صورت ۾ هٿرادو کوٽ يا ناجائز منافعي خوري برداشت نه ڪئي ويندي. هن فلور ملز مالڪن کي هدايت ڪئي ته عوامي مفاد کي اوليت ڏيندي اٽي جا اگهه گهٽ ۾ گهٽ رکن ۽ صوبي جي هر علائقي ۾ بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻائين. صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ذخيره اندوزن، ناجائز منافعي خورن ۽ غيرقانوني ڪاروبار ۾ ملوث عنصرن خلاف انٽيليجنس بنيادن تي تصديق ٿيل ڪارروايون ڪري رهي آهي، جن جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، ۽ اهڙيون ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪيون وينديون ته جيئن هٿرادو کوٽ پيدا ڪندڙ عنصرن جو مڪمل خاتمو آڻي سگهجي. هن ٻڌايو ته خوراڪ کاتي سنڌ وٽ هن وقت مجموعي طور 4 لک 46 هزار 947 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ موجود آهي، جنهن ۾ 1 لک 40 هزار ميٽرڪ ٽن پراڻو ذخيرو، 81 هزار 812 ميٽرڪ ٽن هلندڙ سيزن دوران خريد ڪيل ڪڻڪ ۽ 2 لک 25 هزار 135 ميٽرڪ ٽن ذخيره اندوزن کان برآمد ڪيل ڪڻڪ شامل آهي. هن چيو ته حڪومت وٽ موجود اهي ذخيرا عوام کي مناسب اگهن تي اٽو فراهم ڪرڻ ۽ مارڪيٽ ۾ استحڪام برقرار رکڻ لاءِ ڪافي آهن. صوبائي وزير واضح ڪيو ته سنڌ اندر ضلعن جي وچ ۾ ڪڻڪ جي آمدرفت تي ڪنهن به قسم جي پابندي ناهي ۽ سپلائي چين مڪمل طور فعال آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته سنڌ حڪومت پاسڪو کان وڌيڪ ڪڻڪ حاصل ڪندي ته جيئن ڪنهن به ممڪن کوٽ کي فوري طور پورو ڪري عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي. فلور ملز ايسوسيئيشن جي نمائندن سنڌ حڪومت جي قدمن کي ساراهيندي چيو ته سنڌ هميشه ٻين صوبن کي ڪڻڪ فراهم ڪئي، پر ڪجهه صوبن سنڌ ڏانهن ڪڻڪ جي فراهمي جي اجازت نه ڏني، جنهن سبب ڪڻڪ ۽ اٽي جي اگهن ۾ اضافو ٿيو. وفد مطالبو ڪيو ته فلور ملز لاءِ مقرر هڪ مهيني جي گرائنڊنگ ڪيپيسٽي وڌائي ٻن مهينن جي ڪئي وڃي ته جيئن صنعت بهتر نموني هلي سگهي ۽ مارڪيٽ ۾ استحڪام برقرار رهي. ڪمشنر ڪراچي اجلاس کي ٻڌايو ته ضلعي انتظاميه ۽ فلور ملز ايسوسيئيشن جي گڏيل سهڪار سبب ڪراچي ۾ اٽو سرڪاري مقرر ڪيل اگهن تي وافر مقدار ۾ موجود آهي. هن چيو ته هن وقت ڪراچي ۾ ڪڻڪ لڳ ڀڳ 11 هزار 600 رپيا في 100 ڪلو ۽ اٽو 125 رپيا في ڪلو سرڪاري اگهه تي وڪرو ٿي رهيو آهي. سيڪريٽري خوراڪ اجلاس کي آگاهه ڪيو ته ڪيترائي ذخيره اندوز خوراڪ کاتي سنڌ وٽ لائسنس يافته نه هئا ۽ انهن غير رجسٽرڊ واپارين هٿرادو کوٽ پيدا ڪري مارڪيٽ جو توازن متاثر ڪيو. هن چيو ته اهڙن عنصرن خلاف قانوني ڪارروايون وڌيڪ اثرائتي نموني جاري رکيون وينديون. صوبائي وزير خوراڪ فلور ملز ايسوسيئيشن کي يقين ڏياريو ته سندن خدشن ۽ گرائنڊنگ ڪيپيسٽي وڌائڻ واري تجويز کي سنڌ حڪومت آڏو پيش ڪيو ويندو. فلور ملز ايسوسيئيشن سنڌ حڪومت سان مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائيندي چيو ته ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ اٽي جي مسلسل ۽ بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو. اجلاس جي پڄاڻي تي صوبائي وزير خوراڪ مخدوم محبوب الزمان ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته سنڌ حڪومت ذخيره اندوزي، ناجائز منافعي خوري ۽ هٿرادو کوٽ پيدا ڪندڙ عنصرن خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تي عمل جاري رکندي ۽ عوام کي هر ممڪن رليف فراهم ڪندي، جڏهن ته اٽي جي اگهن ۾ استحڪام کي يقيني بڻايو ويندو










