فلم ”لال ڪبوتر“ هڪ وڌيڪ بين الاقوامي اعزاز حاصل ڪري ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هدايتڪار ڪمال خان جي فلم (لال ڪبوتر) وينڪو انٽرنيشنل سائوٿ ايشين فلم فيسٽول ۾ بهترين فيچر فلم جو ايوارڊ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي. هلندڙ سال جي شروعات ۾ رليز ٿيندڙ فلم لال ڪبوتر جي ڪهاڻي ڪراچي جي هڪ ٽيڪسي ڊرائيور جي ارد گرد گهمي ٿي فلم ۾ اداڪاره منشا پاشا ۽ احمد علي اڪبر مرڪزي ڪردار ادا ڪيو  آهي ۽ فلم شوقينن کي بيحد پسند آئي هئي. فلم جي مرڪزي اداڪار احمد علي اڪبر انسٽاگرام تي مداحن سان خوشخبري شيئر ڪندي چيو آهي ته فلم لال ڪبوتر وينڪور انٽرنيشنل سائوٿ ايشين فلم فيسٽول ۾ بهترين فيچر فلم جو ايوارڊ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي آهي. ان کان پهرين فلم لال ڪبوتر تصوير سائوٿ ايشين فلم فيسٽول ۾ بهترين فيچر فلم جو ارچنا سوئي آڊئنس ايوارڊ کٽي چڪي آهي. ان کان علاوهه اها فلم سينگارپور سائوٿ ايشين انٽرنيشنل فلم فيسٽول ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي وئي آهي. جڏهن ته 2 مهينا اڳ فلم جي مرڪزي اداڪار احمد علي اڪبر کي واشنگٽن ڊي سي ۾ سائوٿ ايشين فلم فيسٽول دوران فلم لال ڪبوتر ۾ بهترين اداڪار جي ايوارڊ سان نوازيو ويو. واضح رهي ته لال ڪبوتر جو 92هين آسڪر ايوارڊ ۾ انٽرنيشنل فيچر فلم ايوارڊ جي ڪيٽيگري لاءِ به چونڊيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو