ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ۽ هالي ووڊ جي نامياري اداڪاره پريانڪا چوپڙا پنهنجي ڪيريئر جي شروعاتي ڏينهن ۾ پيش آيل مشڪلاتن تي کلي ڪري ڳالهايو آهي. ڪانز لائنز ڪانفرنس دوران هڪ خاص سيشن ۾ گفتگو ڪندي پريانڪا چوپڙا چيو ته جڏهن مون فلمي دنيا ۾ قدم رکيو ته رستو آسان نه هو، ځکه ته منهنجا والدين ڊاڪٽر هئا ۽ فلم انڊسٽري سان سندن ڪو به تعلق نه هو.اداڪاره ٻڌايو ته ان دور ۾ فلمي صنعت هڪ محدود ۽ مخصوص شعبو سمجهي ويندي هئي، جتي نون ايندڙن لاءِ رهنمائي ۽ موقعا حاصل ڪرڻ آسان نه هو. پريانڪا چوپڙا چيو ته منهنجا والدين ڊاڪٽر هئا، ان ڪري اسان مان ڪنهن کي به اها خبر نه هئي ته فلم انڊسٽري ۾ ڪيئن اڳتي وڌبو آهي. جڏهن مون شروعات ڪئي ته جيڪڏهن ڪنهن کي فلم سازي جي شعبي ۾ اچڻو هوندو هو ته کيس پاڻ ئي اهو سمجهڻو پوندو هو ته هو ڪهڙي شعبي ۾ ڪم ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ان وقت ڀارتي سينيما کي عالمي سطح تي اها اهميت حاصل نه هئي جيڪا اڄ آهي، اسان کي اڪثر چيو ويندو هو ته ڀارتي فلمون ڪڏهن به هالي ووڊ وانگر عالمي شهرت حاصل نٿيون ڪري سگهن ڇاڪاڻ ته اهي انگريزي ٻوليءَ ۾ ناهن ٺهنديون. پريانڪا چيو ته مون کي چيو ويندو هو ته ڀارتي سينيما ڪڏهن به هالي ووڊ جيتري نٿي بڻجي سگهي، ڇو ته اسان جون فلمون مختلف ٻولين جهڙوڪ هندي، تيلگو ۽ مراٺي وغيره ۾ ٺهن ٿيون، جن کي سڄي دنيا جا ماڻهو نٿا سمجهن. اداڪاره ان ڳالهه تي زور ڏنو ته وقت سان گڏ حالتون بدلجي چڪيون آهن ۽ اڄ ڀارتي سينيما عالمي سطح تي پنهنجي مضبوط سڃاڻپ بڻائي چڪي آهي.










