فلسطيني گروپن پاران پنهنجا اختلاف ختم ڪرڻ تي اتفاق

فلسطيني گروپن پاران پنهنجا اختلاف ختم ڪرڻ تي اتفاق

بيجنگ(ويب ڊيسڪ) الفتح ۽ حماس سميت مختلف فلسطيني گروپن چين ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ اختلاف ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.عرب ميڊيا رپورٽن موجب ٽن ڏينهن واري ڳالهين ۾ فتح ۽ حماس سميت مختلف فلسطيني پارٽين چين جي سهڪار سان شرڪت ڪئي ۽ ڳالهين جي پڄاڻي تي فلسطين جي بهتري ۽ آزادي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ڪيو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته فتح ۽ ان جي مخالف جماعت حماس سميت 14 مختلف سياسي ۽ مزاحمتي گروپن جي اڳواڻن وچ ۾ ڳالهيون 21 کان 23 جولاءِ تائين چين جي راڄڌاني بيجنگ ۾ جاري رهيون.جنهن کانپوءِ سڀني گڏجي فلسطيني ڪاز لاءِ ڪم ڪرڻ جي قرارداد تي صحيحون ڪيون.عرب ميڊيا موجب فلسطيني ڌرين چيني پرڏيهي وزير ۽ چيني ميڊيا جي نمائندن سان به ملاقات ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو