ڪراچي(رپورٽ مرتضيٰ مهر)فضائي دفاعي نظام هڪ اهڙو فوجي نظام هوندو آهي، جيڪو ڪنهن ملڪ جي فضائي حدن کي دشمن جي جهازن، ميزائلن، ڊرونز ۽ ٻين هوائي خطرن کان بچائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. هي نظام ريڊار، سينسرز، ميزائل ۽ گن سسٽم جي مدد سان هوائي خطرن کي سڃاڻي، ٽريڪ ڪري، ۽ انهن جو مقابلو ڪري ٿو. فضائي دفاعي نظام کي يا ته هڪ جاءِ تي جامد طور تي لڳايو ويندو آهي، يا وري موبائل شڪل ۾، يعني اهڙو نظام جيڪو آساني سان هڪ جاءِ کان ٻئي جاءِ تي منتقل ڪري سگهجي. هي نظام ننڍن ڊرونز کان وٺي وڏن بيليسٽڪ ميزائلن تائين جي خطرن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ان جو بنيادي مقصد شهري علائقن، فوجي اڏن، ۽ اهم ڍانچن کي هوائي حملن کان بچائڻ آهي.
فضائي دفاعي نظام جا چار بنيادي حصا آهن:
ريڊار ۽ سينسرز:
اهي دشمن جي جهازن، ميزائلن ۽ ڊرونز کي سڃاڻڻ لاءِ ڪم اچن ٿا.
ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر:
هي نظام سڃاڻپ ٿيل ڊيٽا تي عمل ڪري ٿو، خطري جي نوعيت ۽ ترجيح طئي ڪري ٿو.
هٿيارن جو نظام:
حملو ڪندڙ شيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ميزائل يا بندوقن جو استعمال ڪيو ويندو آهي.
موبائل يونٽس:
اهي نظام جلد تڪڙي طريقي سان ميدان تي تعينات ڪري سگهجن ٿا، جيڪو جنگ جي حالتن ۾ تمام اهم هوندو آهي.
فضائي دفاعي نظام ڪيترن مرحلن ۾ ڪم ڪري ٿو، جنهن ۾ شامل آهي خطري جي سڃاڻپ، ٽريڪنگ، ۽ ان کي بروقت تباهه ڪرڻ. جديد ٽيڪنالاجي ۽ آپريشنل صلاحيت هر مرحلي تي نهايت اهميت رکن ٿا.
پهرين مرحلي ۾، ريڊار ۽ سينسرز جي مدد سان دشمن جي هوائي خطرن کي سڃاتو ويندو آهي. ريڊار برقي مقناطيسي لهرن کي موڪلي، موٽيل سگنلن مان دشمن جي ميزائل يا جهاز جي موجودگيءَ جو پتو لڳائيندو آهي.
طويل، وچولي، ۽ مختصر فاصلي وارا ريڊار، گڏوگڏ انفرا ريڊ ۽ اليڪٽرانڪ سينسرز دشمن جي طرفان نڪتل سگنلز جي سڃاڻپ ڪن ٿا. ان مرحلي تي خطري جي رفتار، قسم (جهڙوڪ ڊرون، ميزائل يا جهاز) جو به پتو لڳايو ويندو آهي.
ٻئي مرحلي ۾، خطري کي لڳاتار ٽريڪ ڪيو ويندو آهي. دشمن جي ڊرون، ميزائل يا جهاز جي رفتار، اونچائي، رخ ۽ حرڪت کي ريڊار، ليزر رينج فائينڊر ۽ ڊيٽا نيٽ ورڪن جي مدد سان مانيٽر ڪيو ويندو آهي.
اهو عمل انتهائي اهم آهي، ڇاڪاڻ ته جنگ دوران نه رڳو دشمن جي پرواز ڪندڙ شين کي پرکڻو پوي ٿو، پر پنهنجن جهازن ۽ ميزائلن کي به ٽريڪ ڪري صحيح نشاندهي ڪرڻي پوي ٿي. ان لاءِ ٽريڪنگ سسٽم جو فول پروف ۽ قابل اعتماد هجڻ لازمي آهي.
ٽئين مرحلي ۾، خطري کي تڪڙو ختم ڪرڻ ضروري آهي، جيئن اهو ڪنهن به قسم جو نقصان نه پهچائي.
انڊيا جو فضائي دفاعي نظام ڪيترو طاقتور آهي؟
انڊيا جي فضائي دفاع بابت ڳالهائڻ وقت سڀ کان اڳ ذڪر ٿيندو آهي روسي ساخت واري S-400 نظام جو، جنهن کي انڊين فوج سدرشن چڪر جي نالي سان سڏيندي آهي. انڊيا جو فضائي دفاعي نظام گهڻ-سطحي (multi-layered) آهي ۽ مختلف ٽيڪنالاجيز تي مشتمل آهي. هي روسي، اسرائيلي ۽ ڏيهي ٽيڪنالاجي جو هڪ ميلاپ آهي، جيڪو ان کي پنهنجي پاڙيسرين کان وڌيڪ اثرائتو بڻائي ٿو. 2018ع ۾ انڊيا، روس سان پنج S-400 ميزائل سسٽم خريد ڪرڻ جو 5.43 ارب ڊالرن جو معاهدو ڪيو. هي نظام آمريڪا جي مشهور پيٽرياٽ ميزائل سسٽم جي مقابلي جو آهي.
S-400 هڪ موبائل نظام آهي، جنهن کي آساني سان روڊ ذريعي منتقل ڪري سگهجي ٿو، ۽ ان کي صرف 5 کان 10 منٽن اندر تعينات ڪري سگهجي ٿو. انڊين ايڪسپريس مطابق، S-400 کان علاوه، ڀارت وٽ براق-8 ۽ آڪاش جهڙا مقامي ميزائل نظام به موجود آهن، جيڪي هوائي دفاع ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
اسپائيڊر ۽ ايگلا جهڙا نظام مختصر فاصلي جي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ استعمال ٿين ٿا. ماهرن جو خيال آهي ته ڀارت جو ايئر ڊفينس نظام پاڪستان کان بهتر آهي.










