لاهور (ويب ڊيسڪ)ڪاڪول ۾ اڱاري کان شروع ٿيندڙ فزيڪل فٽنيس ڪيمپ لاءِ 29 رانديگرن جي نالن جو اعلان ڪيو ويو آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اعلان ڪيو آهي ته اڱاري کان ڪاڪول ايبٽ آباد ۾ لڳندڙ فٽنيس ڪيمپ ۾ 29 رانديگر شرڪت ڪندا، رانديگر اڄ رپورٽ ڪندا.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاڪ فوج جي سهڪار سان هي ڪيمپ لڳائي رهيو آهي، جنهن ۾ رانديگرن کي خاص حڪمت عملي تحت ايندڙ سيريز ۽ ٽورنامينٽ لاءِ تيار ڪيو ويندو. جنهن ۾ نيوزيلينڊ خلاف ٽي 20 سيريز، آئرلينڊ، انگلينڊ خلاف ٽي 20 سيريز ۽ آمريڪا، ويسٽ انڊيز ۾ منعقد ايندڙ ICCT20 ورلڊ ڪپ شامل آهن.ڪيمپ 26 مارچ کان شروع ٿيندي ۽ 8 اپريل تي پڄاڻي ٿيندي، ڪئمپ ۾ ٽيم جي تياري تي ڌيان ڏنو ويندو. ان جو مقصد رانديگرن جي جسماني ۽ ذهني طاقت کي وڌائڻ آهي ڪيمپ ۾ تجربيڪار ٽرينرز ۽ ڪوچز جي رهنمائيءَ هيٺ، رانديگر هڪ جامع پروگرام مان گذرندا، جيڪو انهن جي فٽنيس جي سطح، چستيءَ، قيادت، اسٽريٽجڪ سوچ ۽ فيلڊ تي مجموعي ڪارڪردگيءَ کي وڌائڻ لاءِ تيار ڪيو ويندو. 29 رانديگرن ۾ بابر اعظم، محمد رضوان، وسيم ايوب، فخر زمان، صاحبزاده فرحان، حسيب الله، سعود شڪيل، عثمان خان، محمد حارث، سلمان علي آغا، اعظم خان، افتخار احمد، عرفان خان نيازي، شاداب خان، عماد وسيم شامل آهن. انهن ۾ اساما مير، محمد نواز، مهران ممتاز، ابرار احمد، شاهين شاهه آفريدي، نسيم شاهه، محمد عباس آفريدي، حسن علي، محمد علي، زمان خان، وسيم جونيئر، عامر جمال، حارث رئوف ۽ محمد عامر شامل آهن.
گم ٿي ويل شاعر احمد فرهاد جي بازيابيءَ لاءِ جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم
ايراني صدر،پرڏيھي وزير سميت ھيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت
ڪارنهن الزام،جوابدار گهر واري ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو
مدئجي ڀرسان معصوم نينگر جو لاش مڇيءَ جي تلاءَ مان هٿ
شڪارپور ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ،ڏوهارين جا ڪيترائي ٿاڪ ڊاهي پٽ
ايراني صدر حادثو: صدر ۽ وزيراعظم طرفان ڏک جو اظهار
ناڻي واري وزارت پاران آءِ ايم ايف کي خرچ گهٽائڻ جو منصوبو پيش
نيب وٽ ثبوت ناهن، هي ادارو ملڪ جي تباهي جو سبب بڻيو: عباسي
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 30 پئسا ٿي ويو
نواز شريف 1985ع کان وٺي حڪومت تبديل ڪرڻ جي هر سازش ۾ ملوث رهيو
ن ليگ اڳواڻ رانا ارشد جي ڪاميابي وارو نوٽيفڪيشن رد
لانگ مارچ ٽوڙ ڦوڙڪيس: عمران خان،شيخ رشيد، فيصل جاويد بري
نوابشاهه ۾ مبينا پوليس مقابلو، 2 جوابدار مارجي ويا
ڪرغزستان ۾ ڦاٿل سنڌ جي شاگردن کي مفت هوائي ٽڪيٽون ڏيڻ جو اعلان
انگلش پريميئر ليگ ۾ مانچسٽر سٽي مسلسل چوٿون ڀيرو ٽائيٽل کٽي ورتو
ڪرغستان ۾ پرڏيهي شاگردن تي حملن وارو معاملو
ٻار پيدا ڪرڻ جي حق ۾ نه هيس،مرينه خان
سنڌيار سکر 20 مئي 2024
سنڌيار ڪراچي 20 مئي 2024
انسٽاگرام ۾ واٽس ايپ جي ويو ونس جهڙو فيچر متعارف