ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شرجيل ميمڻ کان پوءِ فريال ٽالپر ۽ سهيل انور سيال به دبئي روانو ٿي ويا.پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، شرجيل ميمڻ سميت پ پ جا اهم اڳواڻ دبئي ۾ موجود آهن.اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي ٻه ڏينهن اڳ دبئي جي هڪ اسپتال ۾ سرجري ڪئي وئي هئي.ذريعن موجب آصف علي زرداري جو طبيب ڊاڪٽر عاصم حسين به ساڻس گڏ آهي.










