ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي وومين ونگ جي صدر، محترمه فريال ٽالپر، اڄ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي مرڪزي دفتر جو دورو ڪيو. سنڌ سرڪار جي ترجمان محترمه سعديه جاويد پڻ ساڻس گڏ هئي.بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن، سينيٽر روبينا خالد، ۽ سيڪريٽري عامر علي احمد، محترمه فريال ٽالپر جي آجیان ڪئي. ان موقعي تي سيڪريٽري عامر علي احمد کين اداري جي ڪارڪردگي، تازن سڌارن، جديد ڊجيٽل ادائگيءَ جي سرشتي ۽ ملڪ ۾ سماجي تحفظ جي نظام کي وڌيڪ سگهارو ۽ اثرائتو بڻائڻ لاءِ کنيل قدمن بابت تفصيلي آگاهي ڏني.بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت هلندڙ مالي سال لاءِ 838 ارب رپيا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ مخصوص ڪيا آهن. بينظير ڪفالت پروگرام وسيلي 13 ملين مستحق گهراڻن کي هر ٽن مهينن تي 14 هزار 500 رپيا مالي سهائتا ڪئي پئي وڃي. اهڙيءَ ريت بينظير تعليمي وظيفن واري رٿا تحت 12.4 ملين ٻارن جي تعليم لاءِ مدد فراهم ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته بينظير نشونما پروگرام وسيلي لڳ ڀڳ 20 لک عورتن ۽ ٻارن کي غذائي سهائتا ڏني وڃي ٿي.محترمه فريال ٽالپر کي آگاهه ڪيو ويو ته مستحق خاندانن جي سهولت، شفافيت ۽ وقار کي يقيني بڻائڻ لاءِ 9.7 ملين ڊجيٽل سماجي تحفظ وارا والٽ قائم ڪيا ويا آهن، ۽ هاڻوڪيون مالي قسطون انهن ئي ڊجيٽل والٽن وسيلي منتقل ڪيون پيون وڃن.کين تازو شروع ڪيل بينظير هنرمند پروگرام (BHP) بابت پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، جنهن تحت بي آءِ ايس پي سان لاڳاپيل مستحق گهراڻن ۽ سندن ڀاتين کي روزگار جي مارڪيٽ جي گهرجن سان هم آهنگ، بنا معاوضي فني ۽ پيشه ورانه تربيت مهيا ڪئي ويندي.سيڪريٽري بي آءِ ايس پي هڪ تازي عالمي تحقيقي رپورٽ جا اهم نتيجا پڻ پيش ڪيا، جنهن موجب هي پروگرام ملڪ جي 12 ملين کان وڌيڪ خاندانن تائين پهچي رهيو آهي، جيڪي پاڪستان جي لڳ ڀڳ 24 سيڪڙو گهرن جي نمائندگي ڪن ٿا. رپورٽ مطابق، بي آءِ ايس پي وسيلي منتقل ٿيندڙ هر هڪ رپيو گهريلو آمدنيءَ ۾ 2.34 رپين جي واڌ جو سبب بڻجي ٿو. ان کان سواءِ، هن پروگرام جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ معاشي سرگرميون 1.66 ملين مڪمل وقت وارين روزگار جي موقعن کي برقرار رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿيون ۽ قومي معيشت ۾ هر سال لڳ ڀڳ 174 ارب رپين جو اضافي حصو وجهن ٿيون.ان موقعي تي خطاب ڪندي محترمه فريال ٽالپر بي آءِ ايس پي جي سڌارن کي واکاڻيو، جن وسيلي شفافيت، خدمت جي فراهمي، مالي شموليت ۽ ڊجيٽل نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويو آهي. هن غربت جي خاتمي، عورتن جي بااختيار بڻائڻ ۽ انساني وسيلن جي اوسر ۾ پروگرام جي بنيادي اهميت کي اجاگر ڪندي زور ڀريو ته شفافيت کي وڌيڪ هٿي ڏني وڃي، عوام ۾ آگاهي وڌائي وڃي ۽ خدمتن کي اڃا وڌيڪ سولو، اثرائتو ۽ هر مستحق تائين آسانيءَ سان پهچڻ جوڳو بڻايو وڃي.










