فريال جي نااهلي واري درخواست خارج، بلاول کي 15 ڏينهن مهلت

فريال جي نااهلي واري درخواست خارج، بلاول کي 15 ڏينهن مهلت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پيپلزپارٽي جي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپور خلاف نااهلي جي درخواست خارج ڪري ڇڏي. قائم مقام چيف اليڪشن ڪمشنر الطاف ابراهيم قريشي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ فريال ٽالپور خلاف نااهلي واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران فريال ٽالپور طرفان فاروق ايڇ نائيڪ اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿي جواب جمع ڪرايو. فاروق ايڇ نائيڪ اليڪشن ڪميشن جي اختيارن تي اعتراض ڪيو. فريال ٽالپور خلاف درخواست ڏيندڙ جو ڪو به نمائندو اليڪشن ڪميشن ۾ پيش نه ٿيو. جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن ڪيس جي پيروي نه ڪرڻ تي فريال ٽالپور خلاف نااهلي واري درخواست خارج ڪري ڇڏي. ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جون 2019 ۾ فريال ٽالپور جي نااهلي خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست جمع ڪرائي هئي. صوبائي اليڪشن ڪميشن ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ، ارسلان تاج ۽ رابعه اظفر طرفان درخواست داخل ڪرائي وئي هئي. درخواست ۾ چيو ويو ته آئين جي آرٽيڪل 62 موجب فريال ٽالپور صادق ۽ امين ناهي ڇاڪاڻ ته هن پنهنجا اثاثا ظاهر ناهن ڪيا جنهن ڪري ان کي نااهل قرار ڏنو وڃي. واضح رهي ته گذريل مهيني اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جعلي اڪائونٽس ڪيس ذريعي ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ فريال ٽالپور کي ضمانت تي آزاد ڪيو هو. ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اثاثن ۾ فرق هجڻ تي ٻڌڻي ڪئي. قائم مقام چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ طرفان ٻڌڻي ۾ بلاول ڀٽو طرفان فاروق ايڇ نائيڪ اليڪشن ڪميشن سامهون پيش ٿيو. بلاول ڀٽو جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ اليڪشن ڪميشن جي اختيار تي اعتراض واريندي چيو ته اليڪشن ايڪٽ تحت اليڪشن ڪميشن گوشوارن ۾ فرق هجڻ تي ڪارروائي نه ٿو ڪري سگهي. ان تي اليڪشن ڪميشن جي ميمبر ارشاد قيصر چيو ته جيڪڏهن ڪو به ميمبر پنهنجا اثاثا لڪائي يا غلط بياني ڪري ته ان خلاف ڪرپٽ پريڪٽسز جي ڪارروائي بڻجي ٿي. جنهن تي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته فرق صرف وضاحت گهري سگهي ٿو جڏهن ته اثاثن ۾ فرق کي ڪرپٽ پريڪٽسز سان ڳنڍڻ درست ناهي. جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن بلاول ڀٽو جي وڪيل کي گوشوارن ۾ وڌيڪ 15 ڏينهن ۾ فرق مٽائڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 6 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اليڪشن ڪميشن اثاثن جي تفصيلن ۾ فرق اچڻ تي بلاول ڀٽو کي 14 جنوري تي طلب ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو