فرحان غني کي ڪهڙي قانون جي تحت آزاد ڪيو ويو؟ رڪارڊ طلب

فرحان غني کي ڪهڙي قانون جي تحت آزاد ڪيو ويو؟ رڪارڊ طلب

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ٽائون چيئرمين چنيسر جي خلاف سرڪاري ملازمن تي تشدد جي ڪيس ۾ پڇاڻو ڪيو ته فرحان غني کي ڪهڙي سيڪشن جي تحت آزاد ڪيو ويو؟ رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.سرڪاري ملازم تي تشدد جي ڪيس ۾ فرحان غني سميت ٻيا جوابدار ۽ وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا جنهن دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڪيترن گواهن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا ۽ ڪڏهن ڪيا ويا؟,جاچ آفيسر عدالت کي آگاهه ڪيو ته 25 آگسٽ تي ٻن گواهن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏنا گواهن جي بيانن موجب سرڪاري ڪم بند ڪرايو ويو. وڪيل صفائي وچ ۾ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي عدالت چيو ته صبر کان ڪم وٺو اوهان کي به ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ويندو.عدالت پڇاڻو ڪيو ته جاچ جي دوران جوابدار کي آزاد ڪرڻ جو اطلاق دهشتگردي جي ڪيس ۾ ٿئي ٿو؟ جوابدارن کي جنهن سيڪشن جي تحت ضمانت تي آزاد ڪيو ويو انهي جي درخواست عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي، اها ڪٿي آهي؟فاضل جج چيو ته مدعي جا وڪيل اهو قانون عدالت ۾ پيش ڪن، اوهان کي گهرجي ها ته جيڪڏهن ڪم هلي رهيو هو ته پهريان نوٽيس اماڻيو ها. وڪيل صفائي چيو ته جيڪڏهن ڪو روڊ، گهٽي ۽ فٽ پاٿ کي نقصان پهچائي رهيو هجي ته ته انهي کي روڪينداسين. جوابدار گرفتار هو ته نوٽيس ڪيئن جاري ڪيو وڃي ها، جيڪڏهن عدالت چاهي ته دهشتگردي جا قلم منظور ڪري يا پوءِ ڪارروائي ڪري، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏنا اوهان جذباتي ٿي رهيا آهيو، اوهان ڪهڙي سيڪشن جي تحت ريمانڊ ڏنو مان به ڪجهه سکڻ چاهيان ٿو. اسان قانون موجب ريمانڊ ڏنو، هي آهي اهو قانون.وڪيل صفائي عدالت ۾ چيو ته قلم 497 جي تحت جيڪڏهن درخواست منظور نٿي ٿئي ته دهشتگردي جا قلم ختم ٿيڻ گهرجن. جنهن تي عدالت چيو ته اوهان مدعي جو 164 جو بيان رڪارڊ ڪرايو ۽ کڻي اچو جنهن تي وڪيل صفائي چيو ته سائين ڇا هي ڪو اهم ڪيس آهي جو هڪ ئي وقت گڏ ڏٺو پيو وڃي.سرڪاري وڪيل چيو ته ڪيس جي شفاف جاچ ڪئي وئي آهي. سرڪاري ڪم هلي رهيو هو ڪابه دهشتگردي نه ٿي رهي هئي، هن ڪيس ۾ دهشتگردي جي خاتمي جو خصوصي قانون لاڳو نه ٿيندو. هي اي ٽي سي جو ڪيس نٿو بڻجي اسان درخواست ڏئي ٿا ڇڏيون,,عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته هينئر تائين ڪيترا بيان رڪارڊ ٿيا؟ جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته ٻن گواهن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا پوءِ مصالحت ٿي وئي. عدالت چيو ته دهشتگردي جي انت واري قانون ۾ مصالحت جي گنجائش ئي نه آهي. مدعي جو بيان ڪهڙي قانون جي تحت رڪارڊ ڪيو ويو.عدالت جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان قانون پڙهيو آهي يا نه؟ جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته مان مدعي ڪيس جو بيان ناهي ڏٺو، مان شاهدين جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان.فاضل جج چيو ته اسان ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جي مدعي کي طلب ڪري ٿا وٺون جنهن تي مدعي جي وڪيل چيو ته منهنجي موڪل جو تعلق حساس اداري سان آهي مدعي جي بجاءِ گواهن کي عدالت ۾ پيش ڪري ٿا ڇڏيون. جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 30 سيپٽمبر تاين ملتوي ڪندي گواهن کي طلب ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو