ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي مقامي عدالت فراڊ ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي زيدي جي ضمانت منظور ڪري ورتي.جڊيشل مئجسٽريٽ ملير علي زيدي کي 10 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.علي زيدي جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي دوران مدعي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اسان جي عدالت ٻاهران ٺاهه ٿي چڪو آهي، مدعي ملڪ کان ٻاهر آهن.اڄ صبح جوڊيشل مئجسٽريٽ ملير فراڊ ڪيس ۾ علي زيدي کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو.عدالت علي زيدي جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ بابت جاچ آفيسر جي درخواست رد ڪندي کيس 30 اپريل تائين جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.










