فراڊي ٽولو سوناري کان ڏينهن ڏٺي جو ساڍا ست لک ڦري ويو

فراڊي ٽولو سوناري کان ڏينهن ڏٺي جو ساڍا ست لک ڦري ويو

مورو (ن س) شاھي بازار جي وچ مان ڏينھن ڏٺي جو گراڪن جي روپ ۾ ٻن مردن ھڪ ڇوڪرو ۽ ھڪ ڇوڪري جي روپ ۾ داتا جيولرز جي مالڪ دوڪاندار وحيد علي کوکر کي اکين ۾ سرمون وجھي دوڪان تان وڏي آساني سان 12 جوڙا سونا نيلم 12 جوڙا سونا ڪنن ۾ پائڻ وارا ٽاپس ھڪ عدد سوني چين ڪل ماليت 7 لک 54 ھزار 500 جا سونا زيور کڻي فرار ٿي ويا آھن اھڙي رپورٽ مورو ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آھي مورو ۾ ڏينھن ڏٺي جو وچ شھر مان واردات ٿيڻ کان پوء پوليس ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو آھي جڏھن ته مورو جي شھرين ۽ دوڪاندارن ۾ ڳڻتي جي لھر پکڙجي وئي آھي ۽ پاڻ کي غير محفوظ سمجھي رھيا آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو