لندن(ويب ڊيسڪ)برطانيه کان ڪورونا وائرس جي نئين قسم جو پهريون ڪيس فرانس ۾ رپورٽ ڪيو ويو آهي.هي وائرس جيڪو پهرين سيپٽمبر ۾ انگلينڊ ۾ ظاهر ٿيو ، ان ۾ 23 جينياتي ميوٽيشنز نوٽ ڪيون ويون آهن هي وائرس 50 کان 70 سيڪڙو تيزي سان پکڙجي رهيو آهي پر اهو چيو ويو ويو آهي ته اهووائرس صرف گنجان آباد علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي ٿي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته ته گنجان آبادي ۾ وائرس آساني سان ڦهلجي سگهي ٿو انگلينڊ جي ٿري ڪائونٽيز سسڪيس آڪسفورڊشائر ۽ ڪيمبرج شائر ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ وڌيڪ سخت پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن.برطانوي سائنسدان خبردار ڪيو آهي ته ڪورونا وائرس جو هي نئون قسم ٻارن کي وڌيڪ متاثر ڪري سگهي ٿو.برطانيه ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو تعداد 70هزار کان وڌي ويو آهي.










