فرانس ۽ مراڪش ڪوارٽر فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

فرانس ۽ مراڪش ڪوارٽر فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

فرانس جي ٽيم پيراگوئي کي زيرو جي ڀيٽ ۾ هڪ گول تان فلاڊلفيا جي سخت حبس ۽ گرمي واري ماحول ۾ شڪست ڏئي ڪوارٽر فائينل ۾ پهچي وئي آهي. پيرا گوئي 36 ٽيمن جي رائونڊ ۾ ورلڊ ڪلاس جرمني کي پلينٽيز تي شڪست ڏئي 16 ٽيمن جي مرحلي ۾ پهتي هئي. فرانس پنهنجي شاندار راند سبب پيراگوئي کي هارائي نه سگهيو پر 70 هين منٽ ۾ پيرا گوئي جي رانديگر جي غلطي سبب مليل پينالٽي اسٽروڪ تي ايمباپي گول ڪري ميچ کٽائي. جنهن بعد ايمباپي ۽ ميسي جا هن ٽورنامينٽ ۾ ست ست گول ۽ مجموعي طور عالمي فٽبال ڪپ ميچز ۾ 19. 19 گول ٿي ويا آهن. ڊيلس ۾ سخت گهٽ ۽ گرمي واري ماحول ۾ 68 هزار کان وڌيڪ تماشائين هي ميچ ڏٺي.
موراڪو جي ڪينيڊا کي شڪست
موراڪو يعني مراڪش گڏيل ميزبان ڪينيڊا کي زيرو جي ڀيٽ ۾ ٽن گولن تان هيوسٽن ۾شڪست ڏئي ڪوارٽر فائينل ۾ پهتي آهي. جتي سندس مقابلو فرانس سان ٿيندو. مراڪش پاران 2 گول عزيدائن ڪناهي ڪيا. ٽيون گول صفيان رحيمي ڪيو. مراڪش ۽ مصر جي راندين دوران سندن حامي اهو گيت ڳائيندا رهيا ته اسانجو خون فلسطيني آهي.
آچر تي رٿيل مقابلا
برازيل ۽ ناروي جي ميچ پاڪستاني وقت موجب رات هڪ وڳي نيويارڪ نيو جرسي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. ٻئي اهم ميچ انگلينڊ ۽ ميڪسيڪو ۾ سومر جي صبح 5 وڳي ميڪسيڪو سٽي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو