اسلام آباد(بيورو)فرانس مان ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي سامان کڻي اسلام آباد پهچي ويو.صحت واري وزارت جي ترجمان موجب صحت واري وزير عبدالقادر پٽيل فرانس جي جهاز جي عملو انجنيئرنگ ٽيم ۽ فرانس جي سفير جو استقبال ڪيو. صحت واري وزير عبدالقادر پٽيل چيو ته پاڪستان حڪومت فرانس جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته امدادي سامان ۾ ٻوڏ جو پاڻي ڪڍڻ لاءِ وڏا پمپ شامل آهن. عبدالقادر پٽيل چيو ته فرانس مان ڊاڪٽر ۽ تربيتي ماهر به هتي آهن.هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي سطح تي پراڻا لاڳاپا آهن، عوام جي تڪليفن جي خاتمي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي اڳتي اچڻو پوندو.










