فائز عيسيٰ خلاف سماعت لاءِ 10 رڪني فل بينچ قائم، 24 کان سماعت

اسلام آباد (اياز مهر) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس جي سماعت لاءِ 10 رڪني فل بينچ جوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي. جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ جوڙيل نئين بينچ 24 سيپٽمبر کان سماعت شروع ڪندي. بينچ ۾ جسٽس مقبول باقر، جسٽس منظور احمد ملڪ، جسٽس فيصل عرب، جسٽس مظهر عالم خان، جسٽس سجاد علي شاهه، جسٽس منصور علي شاهه،  جسٽس منيب اختر، جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس قاضي امين احمد شامل آهن. ياد رهي ته 17 سيپٽمبر تي ٿيل سماعت دوران  7 رڪني بينچ قائم هئي جنهن جي ٻن ججن سماعت کان علحدگي جو اعلان ڪيو هو. جنهن بعد چيف جسٽس کي دستياب ججن تي مشتمل فل ڪورٽ قائم ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي. علحدگي اختيار ڪندڙ انهن ججن ۾ جسٽس اعجازالحسن ۽ جسٽس سردار طارق مسعود شامل هئا. جسٽس طارق مسعود چيو هو ته اسان بطور جج  کنيل قسم جو مان مٿانهون ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ ڪيس ٻڌڻ نٿا چاهيون. اهڙي صورحال بعد بينچ جي سربراهه جسٽس عمر عطا بنديال چيف جسٽس کي فل ڪورٽ جي سفارش ڪئي هئي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سميت عدالت ۾ مختلف بار ڪائونسلز پاران داخل ڪيل 9 پٽيشنز جي سماعت هلندڙ آهي. جسٽس فائز عيسيٰ جي وڪيل منير اي ملڪ اڱاري 17 سيپٽمبر تي ٿيل ٻڌڻي دوران دليل ڏيندي چيو هو ته “اهل ججن” تي مشتمل فل ڪورٽ ٺاهيو جيڪا هي ڪيس ٻڌي. هن چيو ته بينچ ۾ 2 جج اهڙا به آهن جن جو سڌو مفاد هن ڪيس ۾ شامل آهي. انهن ججن کي بينچ جو حصو نه ٿيڻ گهرجي، اهو عدليه جي مفاد ۾ آهي. جسٽس عطا بنديال چيو هو ته ڪهڙو جج متعصب آهي؟ منير اي ملڪ چيو ته مان نٿو چوان ته ڪو جج متعصب آهي. جسٽس عطا چيو ته هو خاطري ٿو ڪرائي ته ڪو به جج متعصب ناهي، ڪنهن به جج جو مفاد ناهي هر جج آئين ۽ قانون موجب فيصلو ڪندو آهي، اوهان غلط سمت ۾ وڃو پيا. منير اي ملڪ چيو ته جيڪي جج مستقبل ۾ چيف جسٽس ٿيندا انهن جو سڌو مفاد لاڳاپيل آهي ۽ اهو ضابطه اخلاق ۾ به شامل آهي ته ڪو به جج جنهن جو مفاد وابسطا هجي هو اهو ڪيس نٿو ٻڌي سگهي. جسٽس عطا بنديال چيو ته اوهان اهو سوال اٿاري عدليه بابت عوام جو اعتماد خراب ٿا ڪريو. ڪو به جج پاڻ ته علحده ٿي سگهي ٿو پر ڪنهن جج کي زوري نٿا هٽائي سگهون ان بابت فيصلا موجود آهن. ياد رهي ته 26 آگسٽ تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ داخل ڪيل درخواست ۾ فل ڪورٽ جوڙڻ جو چيو هو. هن چيو هو ته جن ججن سپريم جديشل ڪائونسل ۾ سندس موقف ٻڌڻ بنا سندس خلاف فيصلو ڏنو ، اهي متعصب آهن انهن کي بينچ جو حصو بنجڻ نه گهرجي. هن چيو ته سندس زال ۽ بالغ ٻارن جي خفيه نگراني ڪري مٿن ظلم پيو ڪيو وڃي ۽ قرآن پاڪ چوي ٿو ته ظلم ڪرڻ قتل کان وڏو ڏوهه آهي. واضح رهي ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي سماعت چيف جسٽس جي سربراهي ۾ بينچ ڪئي هئي تنهن ڪري اهي بينچ جو حصو ناهن.

پهنجو تبصرو موڪليو