اسلام آباد (بيورو رپورٽ)چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي 3 محققن کي ڊيپوٽيشن تي واپس سپريم ڪورٽ طلب ڪري ورتو.تحقيق ڪندڙن ۾ سينيئر سول جج ظفر اقبال، سول جج حسن رياض ۽ سول جج وقاص علي مظهر شامل آهن.اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ٽنهي ڄڻن کي ڊيپوٽيشن مڪمل ٿيڻ بعد لاهور هاءِ ڪورٽ موڪليو هو.ياد رهي ته ٽيئي محقق جسٽس منصور علي شاهه جي ٽيم جو حصو هئا.










