فائرنگ ۽ عورت جي خودڪش حملي ۾9 شهيد، 30 زخمي

ڊيره اسماعيل خان(ڊيسڪ رپورٽ) دهشتگردن جي پوليس چوڪي تي فائرنگ ۽ ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال ۾ خودڪش ڌماڪي جي نتيجي ۾ 6 اهلڪارن سميت 9 شهيد 30 زخمي ٿي پيا آهن. ڊيره اسماعيل خان جي ڊيره ڪوئٽه سيدان پوليس چيڪ پوسٽ تي موٽر سائيڪل سوار دهشتگرد فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا. فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار موقعي تي شهيد ٿي ويا. شهيد اهلڪارن جي سڃاڻپ ڪانسٽيبل جهانگير ۽ ڪانسٽيبل انعام جي نالي سان ٿي آهي. فائرنگ کان پوءِ شهيد پوليس اهلڪارن جا لاش ڊسٽرڪٽ اسپتال آندا ويا ته اسپتال جي ٽراما سينٽر جي گيٽ تي ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ 4 اهلڪار شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. وڏي تعداد ۾ زخمين کي سي ايم ايڇ منتقل ڪيو ويو. سي ايم ايڇ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اسپتال ۾ 22 زخمي ۽ 5 لاش آيا آهن. واقعي کان پوءِ اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي جڏهن ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن چيڪنگ شروع ڪئي آهي. بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي عملي سرچ آپريشن شروع ڪيوآهي. پوليس جي شروعاتي رپورٽ موجب ٽراما سينٽر جي دراوزي تي ٿيندڙ ڌماڪو خودڪش هو، ڊي ايس پي افتخار شاهه موجب خودڪش ڌماڪو  15 سالن جي ڇوڪري ڪيو آهي.

فائرنگ ۽ عورت جي خودڪش حملي ۾9 شهيد، 30 زخمي” هڪ تبصرو

  1. اخبار جو نالو ۽ ڪم تمام بهترين لڳي پيو ڀلا لائونچ ڪڏهن پئي ٿئي
    ۽ نمائندگي جا خواھشمند بہ آھيون
    ٿي سگهي ٿو
    شھر رپڙي تعلقو گمبٽ ضلع خيرپور ميرس سندھ

پهنجو تبصرو موڪليو