غير قانوني ڪال سينٽر ڪيس ۾ ارمغان جي ضمانت منظور

غير قانوني ڪال سينٽر ڪيس ۾ ارمغان جي ضمانت منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ، مصطفيٰ امير قتل ڪيس ۾ جوابدار ارمغان کي غير قانوني ڪال سينٽر هلائڻ جي ڪيس ۾ ضمانت ڏئي ڇڏي آهي.ٻڌڻي دوران، عدالت ملزم ارمغان کي 100,000 رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته جيڪڏهن ملزم ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گهربل نه آهي ته کيس آزاد ڪيو وڃي. بچاءُ جي وڪيل خرم عباس ايڊووڪيٽ چيو ته ملزم خلاف جاچ 2025 ۾ مڪمل ٿي هئي، ملزم خلاف هڪ به ثبوت پيش نه ڪيو ويو.هن چيو ته ملزم خلاف ڪا به شڪايت يا ڪو به شاهد ناهي.اهو ياد رکڻ گهرجي ته ملزم ارمغان خلاف مصطفيٰ امير قتل ڪيس، غير قانوني هٿيار ۽ مني لانڊرنگ جا ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو