نڪاح ڪيس, عون چوڌري جو بيان رڪارڊ ڪرڻ جي درخواست منظور

نڪاح ڪيس, عون چوڌري جو بيان رڪارڊ ڪرڻ جي درخواست منظور

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ عمران خان خلاف غير قانوني نڪاح ڪيس ۾ عون چوڌري جي بيان رڪارڊ ڪرڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي.سول جج نصرمين الله محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.جج نصرت الله عون چوڌري کي بيان رڪارڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.عون چوڌري ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائيندو.ياد رهي ته 27 اپريل تي اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ عمران خان ۽ سندس گهرواري بشرا بي بي خلاف غير قانوني نڪاح ڪيس ۾ عون چوڌري جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ درخواستگذار جي درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو هو.سول جج نصرمين الله موڪل تي هو ۽ محفوظ ڪيل فيصلو نه ٻڌايو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو