غير اعلانيل لوڊشيڊنگ، ڪي اليڪٽرڪ کان رپورٽ طلب

غير اعلانيل لوڊشيڊنگ، ڪي اليڪٽرڪ کان رپورٽ طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي پٽيل پاڙي ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ بابت ايندڙ ٻڌڻي تي ڪي اليڪٽرڪ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.ڪي اليڪٽرڪ پٽيل پاڙي ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ لاءِ مهلت گهري ورتي.ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل چيو ته وڌيڪ نقصان کان بچڻ لاءِ لوڊشيڊنگ وڌيڪ نقصان وارن علائقن ۾ ڪئي وڃي ٿي.جسٽس صلاح الدين پنهور ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته بل ادا ڪندڙن جو ڇا قصور آهي، هڪ شهري اوهان جي سامهون بيٺو آهي، لوڊشيڊنگ کان متاثر آهي، اوهان ان شهري جو مسئلو ڪيئن حل ڪندا؟ ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل چيو ته جتي به بجلي چوري ٿئي ٿي اتي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. درخواستگذار چيو ته پٽيل پاڙي ۾ 24 ڪلاڪن ۾ رڳو ساڍا 11 ڪلاڪ بجلي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو