لاهور(ويب ڊيسڪ)ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل (ڊي آءِ جي) آپريشنز فيصل ڪامران آچر ڏينهن چيو ته ٻن پرڏيهي عورتن جي مبينا اغوا ۽ تشدد واري ڪيس ۾ ڪل 8 جوابدار گرفتار ڪيا آهن. پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته هڪ اهڙي جوابدار، جنهن بابت ٻڌايو پيو وڃي ته هو هڪ سينيئر حڪومتي وزير جو ويجهو مائٽ آهي، سان به ”عام جوابدار وانگر“ ورتاءُ ڪرڻ جا حڪم ڏنا ويا هئا.
خميس ڏينهن پوليس ٻنهي عورتن کي بازياب ڪرائڻ کان پوءِ اغوا ۽ جنسي زيادتي جي الزامن هيٺ پنجن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو هو. انهن مان چار جوابدار، جن ۾ هڪ سينيئر سياسي شخصيت جو ويجهو مائٽ پڻ شامل هو، گرفتار ڪيا ويا ۽ بعد ۾ کين پنجن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو.
پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڊي آءِ جي عورتن جي بازيابي ۽ جوابدارن جي گرفتاري تائين پيش آيل واقعن جو تفصيل بيان ڪيو.
هن چيو، ”اسان جي پهرين ترجيح ٻنهي عورتن کي بازياب ڪرائڻ هئي. اسان سرگوڌا سميت ڪيترن ئي هنڌن تي ڇاپا هنيا. ساڳئي وقت جڏهن اسان هڪ جوابدار جي خانداني شجري جي جاچ ڪئي ۽ هڪ ڇاپي هيٺ آيل گهر جي رهواسين سان ڳالهايو ته خبر پئي ته جوابدار جو خاندان ڪجهه عرصو اڳ ان گهر ۾ ڪرائي تي رهندو هو ۽ غالباً نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان مائٽي رکي ٿو.“
پوليس آفيسر جوابدار جي سڃاڻپ محمد رضا ڊار طور ڪئي. هن وڌيڪ چيو، ”جيئن ئي اها ڳالهه سامهون آئي، اسان لاءِ ضروري هو ته ان جي تصديق ڪريون. اسان خاندان کان اها معلومات پڪي ڪئي، انهن کان جوابدار جو فون نمبر ورتو ۽ پوءِ سندس هنڌ معلوم ڪرڻ شروع ڪيو.“
پوليس آفيسر چيو، ”خاندان يقيناً کيس پاڻمرادو پيش ٿيڻ جو مشورو ڏنو هوندو.“ ڪامران چيو ته جاچ شروع ٿيڻ کان پوءِ هن اعليٰ پوليس قيادت ۽ حڪومت کي جوابدار جي هڪ بااثر شخصيت سان مائٽي بابت آگاهه ڪيو.
هن چيو، ”اسان کي حڪومت طرفان سخت هدايتون مليون ته هن سان ڪنهن به ٻئي ڏوهاري کان مختلف سلوڪ نه ڪيو وڃي.“ هن وڌيڪ چيو ته جاچ دوران اهو به سامهون آيو ته ان واقعي ۾ رڳو هڪ فرد نه، پر شايد هڪ ڏوهاري ٽولو ملوث هجي.
ڊي آءِ جي ڪامران موجب، جاچ دوران پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز به سخت هدايتون جاري ڪيون ته جوابدارن کي سزا ڏيڻ واري عمل ۾ “100 سيڪڙو ميرٽ” کي يقيني بڻايو وڃي.
ڊي آءِ جي ياد ڏياريو ته ”سرگوڌا، شاهدرا واري گهر ۽ ڊي ايڇ اي ۾ ڇاپا هنيا ويا هئا، تنهنڪري ماڻهن کي به معاملي جي خبر پوڻ شروع ٿي وئي هئي.“
هن چيو ته ان کان پوءِ جوابدار ٻنهي عورتن کي ٻڌايو ته هو کين هوائي اڏي وٺي وڃي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته کيس ڀنگ جي رقم ملي چڪي آهي.
پر جڏهن ڪار ڀٽا چوڪ ڏانهن وڌي ته ٻنهي عورتن کي شڪ ٿيو ته هو کين هوائي اڏي بدران ڪنهن ٻي هنڌ وٺي وڃي رهيو آهي. ان دوران عورتن واري ڪار هڪ ٻي گاڏي سان ٽڪرائجي وئي، جنهن سبب کين ڪار مان نڪري ڀڄڻ جو موقعو ملي ويو، ۽ هنن ويجهو موجود هڪ دڪان ۾ وڃي پناهه ورتائون.
ڊي آءِ جي موجب، ان دوران هڪ عورت واٽس ايپ ذريعي وائس ميسيجز ۽ ڪالن وسيلي پنهنجي پيءُ سان رابطي ۾ هئي، جڏهن ته سندس پيءُ ڪارلوس دفاع (ڊفينس) ڊويزن جي اسسٽنٽ سپرنٽنڊنٽ آف پوليس (اي ايس پي) سان رابطي ۾ هو.
”ڪارلوس ٻنهي عورتن کي اي ايس پي ڊفينس سان ڪانفرنس ڪال ۾ شامل ڪيو، جتي هنن پوليس آفيسر کي ٻڌايو ته هو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون آهن.“
ان دوران جوابدار اتان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پوليس سيف سٽي الرٽ ۽ سندس موبائل نمبر ذريعي سندس هنڌ معلوم ڪري ورتو ۽ کيس فوري طور هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
”ايس پي ڪينٽ کيس گرفتار ڪري پوليس اسٽيشن وٺي آيو،“ لاهور جي ڊي آءِ جي ٻڌايو. هن انهن الزامن کي به رد ڪيو ته ٻنهي پرڏيهي عورتن کي پوليس نه، پر ڪنهن ٻئي بچايو هو.
”اسان وٽ رات 12:40 وڳي ٿيل پوليس جي 15 ڪال جو رڪارڊ موجود آهي، جنهن کان پوءِ ڪارروائي شروع ڪئي وئي، اسپين ۾ موجود متاثر عورتن جي مائٽ سان رابطو ڪيو ويو ۽ مختلف هنڌن جي نشاندهي ڪئي وئي،“ هن چيو ۽ زور ڀريو ته پوليس جي اڳواٽ ڪيل جاچ ۽ پس پرده ڪوششن سبب ئي پرڏيهي شهرين کي بازياب ڪرائڻ ممڪن ٿيو.
ڪامران چيو ته پوليس لاءِ ”اڳيون امتحان“ اهو هو ته اهڙي ڪا به قانوني خامي نه رهجي، جنهن مان جوابدار فائدو وٺي سگهي.
هن چيو ته پوليس ٻنهي متاثر عورتن جي لاڳاپيل سفارتخانن جي سهڪار سان سندن رضامندي حاصل ڪري طبي معائنو ڪرايو.
هن ٻڌايو ته عورتون پنهنجي 2 جولاءِ واري اڏام سبب پنهنجا بيان قلمبند ڪرائڻ ۾ به هٻڪ محسوس ڪري رهيون هيون، پر لاهور پوليس کين نون هوائي ٽڪيٽن جي خرچ جي تلافي ڪرڻ جو يقين ڏياريو.
ڊي آءِ جي موجب، ٻئي عورتون 3 جولاءِ تي پاڪستان مان روانيون ٿي ويون. روانگي وقت هنن لاهور پوليس جي روَيي کي ساراهيو ۽ ”کين پاڪستان جو قومي جهنڊو ڏيڻ جي درخواست ڪئي ته جيئن اهو پاڻ سان گڏ واپس کڻي وڃن.“
ڊي آءِ جي پاران مئجسٽريٽ جي گهر واري ”افسوسناڪ“ واقعي جو دفاع
ڪامران ٻڌايو ته جيتوڻيڪ ٻئي عورتون 2 جولاءِ تي پاڪستان ڇڏڻ واريون هيون، پر ان وقت تائين پوليس فوجداري ضابطه ڪار (CrPC) جي سيڪشن 164 تحت سندن بيان رڪارڊ نه ڪرايا هئا.
هن ان حوالي سان هڪ ”افسوسناڪ“ واقعي جو ذڪر ڪيو، جنهن ۾ هڪ اسٽيشن هائوس آفيسر (ايس ايڇ او) ٻنهي پرڏيهي عورتن جا بيان قلمبند ڪرائڻ لاءِ لاڳاپيل مئجسٽريٽ جي سرڪاري رهائشگاهه ۾ زبردستي داخل ٿيو.
ڪامران ان واقعي تي عدليه کان معذرت ڪئي، پر ساڳئي وقت پوليس جي ان قدم جو دفاع ڪندي چيو ته، ”جيڪڏهن ائين نه ڪيو وڃي ها ته اسان جي ميڊيا ۽ عالمي فورمن تي اسان جي قانوني نظام بابت سوال اٿاريا وڃن ها.“
پريس بريفنگ دوران صحافين به ان واقعي تي سخت احتجاج ڪيو. جڏهن ڊي آءِ جي کان ان بابت سوال ڪيو ويو ته هن وضاحت ڪئي ته ڊيوٽي مئجسٽريٽ کي 24 ڪلاڪ موجود هجڻ گهرجي، پر ان معاملي ۾ پوليس ساڻس رابطو قائم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.
هن چيو ته ايس ايڇ او مئجسٽريٽ جي گهر ويو، ڪيترائي ڀيرا گهنٽي وڄائي، پر ڪنهن به در نه کوليو. جڏهن هن ڏٺو ته گيٽ کليل آهي ته هو اندر داخل ٿي ويو.
”مئجسٽريٽ تازو ئي ٻي رهائشگاهه ڏانهن منتقل ٿيو هو،“ ڊي آءِ جي ڪامران چيو، پر هن وڌيڪ ٻڌايو ته جڏهن ايس ايڇ او گهر ۾ داخل ٿيو ته مئجسٽريٽ اتي موجود هو.
”سندس خدشا يقيناً جائز آهن، ۽ اسان ايس ايڇ او خلاف به ڪارروائي ڪئي آهي،“ ڪامران چيو. بهرحال، سندس وضاحت صحافين جي احتجاج کي ٿڌو نه ڪري سگهي، جنهن کان پوءِ ڊي آءِ جي پريس ڪانفرنس اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو.










