نئون ديرو (ن سنڌيار) حضرت غوث بهاءالدين زڪريا ملتاني سهروردي رح جو 783 هون عرس مبارڪ اوليائن جي شهر ملتان شريف ۾ نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو 3 ڏينهن واري عرس مبارڪ جي تقريب جي شروعات حضرت غوث بهاء الدين زڪريا ملتاني سهروردي رح،حضرت شاھ رڪن الدين علم نوري حضوري سهروردي رح،حضرت بي بي پاڪ دامن بي بي راستي سهروردي رح جي گادي نشين،اڳوڻي پرڏيهي وزير،غوثيا جماعت سهروردي رح جي روحاني پيشوا الحاج مخدوم المخاديم مخدوم سائين شاھ محمود حسين قريشي،مخدوم زاده سائين زين حسين قريشي ،مخدوم سائين مريد حسين قريشي،مخدوم سائين محمد سجاد حسين قريشي ۽ قريشي خاندان جي ويجهن ماڻهن روضي مبارڪ کي آب زم زم ۽ گلاب جي پاڻي سان غسل ڏئي ڪئي، جڏهن ته اسٽيج سيڪريٽري جا فرض ڊاڪٽر محمد صديق خان قادري ڏنا ،ٽن ڏينهن جي تقريب کي حضرت غوث بهاء الدين زڪريا ملتاني رح،حضرت شاھ رڪن الدين عالم نوري حضوري رح، حضرت بي بي پاڪ دامن بي بي راستي رح جي گادي نشين، غوثيا جماعت سهروردي رح جي روحاني پيشوا مخدوم المخاديم الحاج مخدوم سائين شاھ محمود حسين قريشي خطاب ڪندي چيو ته هن وقت برسات ۽ ٻوڏ ۾ سنڌ مڪمل طور ٻڏي چڪي آهي ۽ فصل تباھ ٿي چڪا آهن ڪيترائي گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن ۽ انساني جانيون ضايع ٿي ويون آهن مون کي تمام گهڻو صدمو پهتو آهي ۽ بيحد افسوس ٿيو آهي سائين جن وڌيڪ چيو ته سنڌ جا سمورا رستا بند هجڻ بعد به توهان جي شرڪت کي ڏسي مون کي بيحد خوشي ٿي آهي توهان جوجذبو ۽ حوصلي کي سلام آهي جو گهر تباھ ٿي ويا،مال متاع لڙهي ويو فصل تباه ٿي ويا تمام گهڻي پريشاني جي عالم ۾ ڪنهن شيء جي پرواه نه ندي عرس مبارڪ ۾ شرڪت ڪئي انشاء الله تعالي’ توهان حضرت غوث بهاء الدين زڪريا ملتاني رح توهان کي جهول ڀري ڏيندو ڇو جو ڪو به هن در تان خالي نه موٽيو آ سڀئي جهول ڀري موٽندا اهو منهنجو ايمان آهي ،سائين وڌيڪ چيو ته ڪراچي جي هڪ ماڻهوء اسان ٻنهين ڀائرن کي ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهو ناڪام ويو اڄ اسان ٻئي ڀائر گڏ ويٺا آهيون اها به حضرت غوث بهاء الدين زڪرياملتاني سهروردي رح جي ڪرامت آهي ،عرس مبارڪ کي وڏن وڏن عالمن مشائخن،دانشورن خطاب ڪيو،جڏهن ته عرس مبارڪ جي سيڪيورٽي پنجاب پوليس،سول ڊفينس،غوثيا جماعت جي جانثارن چيف خليفو امان الله درس،خليفو ڏاڏو مظهر الدين منگي،غلام مصطفي’ گل عباسي،محمد ڪامل سانگهرو،فقير شاد محمود ڀٽو،فقير ضمير حسين ڀٽو،خدا بخش چاچڙ،ساجد جروار،هادي بخش جروار،مرتضي’ جروار،اي ڊي جروار،ساجد حيدري،نور محمد ڀاڻون،انيس احمد نوحاڻي،عبدالرسول ناريجو، سنڀالي،جڏهن ته برساتن ۽ ٻوڏ ۾ پوري سنڌ تباه هجڻ باوجود پوري سنڌ مان غوثيا جماعت جا مريد ۽ عقيدت مندن شرڪت ڪئي،










