غوا ڄاڻايل ناري مھڪ پاران پسند جي شادي جو اعتراف

غوا ڄاڻايل ناري مھڪ پاران پسند جي شادي جو اعتراف

جوهي (ن سنڌيار )پنھنجي اسڪول جي استاد سان 7 مهينا اڳ پيار جو پرڻو ڪندڙ جوهي واسڻ ناري مهڪ پري مُغل چيو آهي ته کيس ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو هن پنهنجي مرضي سان جوهي جي ڳوٺ حافظ فيض محمد لُنڊ جي رهواسي نوجوان منظور لُنڊ سان پيار جو پرڻو ڪيو آهي جنهن بعد سندس پُڦي نگهت پروين مونکي ۽ منهنجي مُڙس توڙي سندس عزيزن کي جان کان مارڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي هن چيو ته منهنجي امڙ منهنجي شادي ۾ راضي آهي مگر پُڦي منهنجي امڙ کي پنهنجي ڀاءُ هٿان طلاق ڏيارڻ جا داٻا ڏئي رهي آهي هن چيو ته مونتي ڪوبه تشدد ڪونه پيو ٿئي ۽ نه ئي منهنجي حياتي خطري ۾ آهي هن مطالبو ڪيو ته کيس خوشي خوشي مرضي موجب زندگي گذارڻ ڏني وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو