اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جعلي اڪائونٽ ڪيس سميت نيب پاران داخل ڪرپشن جي 5 ئي ڪيسن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اومني گروپ جي ڊائريڪٽر عبدالغني مجيد جي ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. جسٽس مينا گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس فيض انجم جندارن تي مشتمل ٻه رڪني بينچ ملزم پاران طبي بنيادن 10 ڪروڙ جي مچلڪن عيوض داخل ضمانت جي درخواست منظور ڪرڻ جو حڪم ٻڌايو. هن خلاف لنڊن جي پارڪ لين پراپرٽي، ٺٽو پاڻي فراهمي اسڪيم، روشن سنڌ پروگرام، ڪمند جي سبسڊي ۽ فلاحي مقصد لاءَ رکيل پلاٽ الاٽ ڪرائڻ ۾ مبينه بدعنواني جا ڪيس داخل هئا ۽ کيس گذريل سال 13 فيبروري تي گرفتار ڪيو ويو هو. ٻئي پاسي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ بينچ جي يو آءِ جي اڳواڻ اڪرم دراني جي ضمانت ۾ 17 مارچ تائين واڌ جي منظوري به ڏني آهي.










