غزه ۾ فوري غير مشروط جنگ بندي ٿيڻ گهرجي: پاڪستان

غزه ۾ فوري غير مشروط جنگ بندي ٿيڻ گهرجي: پاڪستان

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستاني نمائندي عاصم افتخار جو چوڻ آهي ته غزه ۾ فوري طور تي غير مشروط جنگ بندي ٿيڻ گهرجي.عاصم افتخار پنهنجي تقرير ۾ چيو ته غزه ۾ روزانو درجنين شهري شهيد ٿي رهيا آهن، ٻار بک وگهي مري رهيا آهن.هن چيو ته اسرائيل پنهنجي حملن ۾ اسپتالن کي به نه بخشيو آهي.عاصم افتخار چيو ته پاڪستان هڪ آزاد فلسطيني رياست جي قيام لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو.اهو ياد رکڻ گهرجي ته آمريڪا غزه ۾ غير مشروط مستقل جنگ بندي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڏهه غير مستقل ميمبرن جي قرارداد کي ويٽو ڪيو.هي ڇهون ڀيرو آهي ته آمريڪا غزه ۾ غير مشروط مستقل جنگ بندي جي قرارداد کي ويٽو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو