غزه ۾ جنگبندي لاءِ پرعزم آهيون، چين

غزه ۾ جنگبندي لاءِ پرعزم آهيون، چين

بيجنگ (ويب ڊيسڪ)چيني پرڏيهي وزير وانگ يي چيو آهي ته چين غزه ۾ جنگ بندي ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي. عالمي برادري ٻہ رياستي حل تحت گڏيل قومن ۾ فلسطين جي مڪمل ميمبرشپ جي حمايت ڪري ٿي، هڪ بيان ۾ وانگ يي چيو ته ٻن سالن کان هلندڙ غزه جنگ هڪ بي مثال انساني الميو پيدا ڪيو آهي. هن چيو ته اسرائيلي ڪارروايون جيڪي بين الاقوامي قانون جي اصولن جي خلاف ورزي ڪن ٿيون، ٻہ رياستي حل کي خطري ۾ وجهي رهيون آهن ۽ وچ اوڀر جي استحڪام کي نقصان پهچائي رهيون آهن. چيني پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته عالمي برادري کي اسرائيل-فلسطين تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ ٽي ضروري قدم کڻڻ گهرجن، جن ۾ غزه ۾ فوري طور تي جامع جنگ بندي، فلسطيني خود حڪمراني، ۽ ٻہ رياستي حل تي مضبوطي سان عمل ڪرڻ شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو