غزه (ويب ڊيسڪ)اسرائيلي فوج غزه جي الدرج ۾ هڪ اسڪول تي حملو ڪري وڌيڪ 100 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته قطر، مصر ۽ آمريڪا حماس تي اسرائيل سان ڳالهين لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن.پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو تجويز تي ڳالهين جي حمايت جو اظهار ڪيو آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته اسرائيلي وفد 15 آگسٽ تي ٿيندڙ ڳالهين ۾ شرڪت ڪندو.ٽنهي ملڪن جي گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته 15 آگسٽ کان ڳالهيون شروع ڪيون وڃن، جيڪي دوحا يا قاهره ۾ ٿي سگهن ٿيون.خابرو اداري موجب قطر، مصر ۽ آمريڪا اسرائيل ۽ حماس تي 15 آگسٽ کان جنگ بندي ڳالهيون شروع ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن پر فلسطيني مزاحمتي تحريڪ حماس ان حوالي سان ڪو به تبصرو ناهي ڪيو.ٻئي پاسي غزه جي اوڀرندي علائقي الدرج ۾ فلسطيني پناهگيرن جي اسڪول تي اسرائيلي فوج جي حملي ۾ 100 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.اسرائيل فجر جي نماز دوران اسڪول تي حملو ڪيو ۽ ان حوالي سان اسرائيل جي دعويٰ آهي ته اسڪول حماس جو هيڊ ڪوارٽر هو جتي دهشتگرد موجود هئا.










