غزهه (ويب ڊيسڪ)فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس چار وڌيڪ مئل يرغمالين جا لاش اسرائيل جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن، نيوز ايجنسين موجب، اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته ريڊ ڪراس کي غزه مان چار يرغمالين جا لاش مليا آهن، ان کان اڳ، انٽرنيشنل ريڊ ڪراس سوسائٽي پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته اهو غزه جنگ ۾ شامل ڌرين کان انساني باقيات جي حوالي ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪندو، پرڏيهي ميڊيا موجب، انٽرنيشنل ريڊ ڪراس سوسائٽي جي ترجمان چيو ته غزه جنگ ۾ شامل ڌرين پاران انساني باقيات جي حوالي ڪرڻ هڪ وڏو چئلينج آهي.










