اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) آمريڪي صدر ٽرمپ طرفان غزه جنگ جي خاتمي واري بيان تي 8 مسلمان ملڪن جي گڏيل بيان تي پرڏيهي وزارت جو رد عمل به سامهون اچي ويو آهي.بيان ڏيندڙ 8 ملڪن ۾ پاڪستان اردن، يو اي اي، انڊونيشيا، ترڪيه، سعودي عرب، مصر ۽ قطر شامل آهن. ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب پرڏيهي وزير، صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي قيادت ۽ امن جي ڪوششن جي آجيان ڪئي، غزه جنگ ختم ڪرڻ ۽ فلسطينين جي بيدخلي روڪڻ جي آمريڪي اعلان جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزارت آمريڪا سان امن جي لاءِ ڀائيواري تي زور ڏنو ۽ خطي ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام جي ارادي جو اظهار ڪيو. ترجمان موجب ٻن رياستي حل ۽ فلسطيني رياست جي قيام جي حمايت ڪئي وئي. غزه جي نئين سري سان تعمير ۽ اسرائيلين جي انخلا تي زور ڏنو ويو. پرڏيهي وزير معاهدي تي عملدرآمد يقيني بنائڻ لاءِ تعاون جو اعلان ڪيو.










