غزه (ويب ڊيسڪ)غزه جي قبضي هيٺ فلسطيني علائقي ۾ امداد جي انتظار ۾ ويٺل ماڻهن ۽ پناهگير ڪئمپن تي اسرائيلي فوجي حملا جاري آهن. قابض فوج اڄ صبح کان وٺي وڌيڪ 36 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي. اسرائيلي فوج جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙن ۾ 13 ماڻهو مدد جي انتظار ۾ هئا.فلسطين جي صحت واري وزارت موجب اسرائيلي فوج جي مسلسل حملن سبب هڪ ڏينهن ۾ مارجي ويل فلسطينين جو انگ 98 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 1000 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن. فلسطيني وزارت صحت چيو آهي ته 7 آڪٽوبر 2023 کان وٺي، اسرائيلي فوج جي حملن ۾ 60,430 فلسطيني مارجي ويا ۽ 148,722 زخمي ٿيا آهن.عرب ميڊيا جي رپورٽ موجب غزه ۾ هڪ ٻار سميت وڌيڪ ست فلسطيني بک وگهي فوت ٿي ويا، جنهن سان غزه ۾ غذائي کوٽ سبب فوت ٿيندڙ فلسطينين جو انگ 169 ٿي ويو آهي.










