عيد کانپوءِ ٻئي فيز  ۾ هارين کي سبسڊي رقم ڏيڻ جو فيصلو

عيد کانپوءِ ٻئي فيز ۾ هارين کي سبسڊي رقم ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جو عيد کانپوءِ ٻئي فيز جي 25 ايڪڙ تائين صوبي جي هارين کي ڪڻڪ جي ٻج تي سبسڊي رقم ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير جي زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته عيد کانپوءِ ٻئي فيز ۾ 25 ايڪڙ تائين آبادگارن کي ڪڻڪ جي ٻج جي رقم ڏني ويندي. ساڍا 12 ايڪڙ تائين وارن هارين کي ٻج سبسڊي فراهمي جي رقم جو سلسلو 24 ضلعن ۾ جاري آهي. منظور وساڻ وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ هن وقت تائين 1 لک 41 هزار 518 هارين کي 3 ارب 32 ڪروڙ 68 لک 71 هزار 506 رپيا امداد فراهم ڪئي وئي آهي، پهرين فيز جي باقي رهندڙ تصديق ٿيل هارين کي به ٻئي فيز ۾ سبسڊي جي رقم ڏني ويندي. هارين کي سبسڊي جي رقم في ايڪڙ 5 هزار روپيا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي ڏني پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو