عيد ڏينهن به سنڌ جي مختلف شهرن ۾ لوڊ شيڊنگ جاري

عيد ڏينهن به سنڌ جي مختلف شهرن ۾ لوڊ شيڊنگ جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عيد جي ڏهاڙي تي به سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري آهي. عيد جي ڏينهن به بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب شهرين کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ٽيڪنيڪل خرابي جي ڪري هڪ علائقي ۾ ۽ ڪڏهن ٻئي علائقي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي. ٻئي طرف لاڙڪاڻي شهر جي مختلف علائقن ۾ رات دير سان 24 ڪلاڪن کان بجلي جي فراهمي جي معطلي خلاف شهرين مکيه شاهراهه بلاڪ ڪري ٽائرن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. سيپڪو عملدارن جو چوڻ آهي ته طوفان سبب مين لائين جا 18 پول ڪري پيا، دادو گرڊ مان متبادل سپلائي ورتي پئي وڃي جيڪا ناڪافي آهي، سپلائي مڪمل بحال ٿيڻ تائين بجلي جي فراهمي معطل رهندي. ٻئي پاسي حيسڪو پاران حيدرآباد، بدين، ٺٽو، سجاول، عمر ڪوٽ، ٽنڊو محمد خان ۽ مير پور خاص ۾ به لوڊ شيڊنگ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو