ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) قرباني واري عيد ويجهو ايندي ئي ملڪ جي مال پڙين ۾ رونق وڌي وئي آهي شهري مناسب اگهه ۾ جانور ڳولڻ نڪري پيا خبر موجب جانور خريد ڪندڙن کي ڏسي واپاري خوشي ٿي رهيا آهن جڏهن ته مهانگائي جي ستايل عوام چيو ته جيتري گنجائش آهي ان ۾ هن ڀيري جانور ملڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي ويو آهي ڪراچي نادرن باءِ پاس مال پڙي ۾BOSS ڌم مچي وئي منفرد رنگ دلڪش اکين واري سان جا 45 لک لڳي ويا جڏهن ته مالڪ پوءِ به راضي نه ٿيو ۽ چوي ٿو ته 70 لک وٺندس ٻئي پاسي گجرانوالا جي مال پڙي ۾ پهلوان ٻڪرن جا چرچا ٿيڻ لڳا راجنپور نسل جي 10 ٻڪرن لاءِ 50 لک جي ڊمانڊ ڪئي وئي لاهور ۾ ناز ۽ نخرن سان پاليل گول مٽول ٻڪرن جا اگهه به گهٽ نه آهن هڪ ٻڪرو 5 لک جوآهي مالڪ چيو ٿو ته ٽئي خريدڪندڙن کي 2 لک جو خاص ڊسڪائونٽ ڏيندس سرگودا ۾ شهري لاڏلي ٻڪر شيرو جي سالگرهه ملهائي ۽ ڪيڪ به ڪٽرايو اهڙي طرح اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ به مال پڙين ۾ رونڪ لڳي وئي ۽ واپارين لکين رپيا ڊمانڊ ڪري ڇڏي جنهن سبب اسلام آباد ۽ راولپندي جا شهري به سخت ڏکيائين جو شڪار ٿي ويا.










